اسرائيلي جي بازان ريفائنري تي ميزائل ڪِرڻ کانپوءِ فيول ٽينڪرن ۾ ڌماڪا، تفصيل سامهون اچي ويا

حيفا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي شهر حيفا ۾ آئل ريفائنري ۾ باهه لڳڻ جا وڌيڪ تفصيل سامهون آيا آهن.
اسرائيلي فائر اينڊ ريسڪيو سروس موجب، سومر ڏينهن بازان آئل ريفائنري تي ميزائل حملي کي روڪيو ويو، پر ملبو ڪرڻ سبب هڪ صنعتي عمارت ۽ هڪ فيول ٽينڪر متاثر ٿيا.
اختيارين موجب، حملي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهن مليا، جڏهن ته فائر فائٽرز باهه کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۽ ڦاٿل ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهن.
اهو واضح ناهي ته ميزائل ڪٿان فائر ڪيا ويا، پر جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ ايران ۽ لبنان ۾ موجود مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيل کي نشانو بڻائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.