تهران (ويب ڊيسڪ) ايران چيو آهي ته جنگ ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا جا مطالبا ”حد کان وڌيڪ ۽ احمقاڻا“ آهن.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بغائي چيو ته تهران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪا به سڌي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، هينئر تائين جيڪا به ڳالهه ٿي آهي اها ٽياڪڙ وسيلي پيغامن جي صورت ۾ ٿي آهي، جنهن مان پتو پيو آهي ته آمريڪا ڳالهين جو خواهشمند آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ ملاقاتون اهڙي فريم ورڪ تحت ٿي رهيون آهن، جيڪو آمريڪا پاڻ تيار ڪيو آهي ۽ ايران ان ۾ شامل ناهي ٿيو.
بغائي آمريڪا تي الزام لڳايو ته هو پنهنجو موقف مسلسل تبديل ڪري رهيو آهي ۽ چيو ته کيس خبر ناهي ته آمريڪا ۾ ڪيترا ماڻهو سفارتڪاري جي دعوائن کي سنجيدگي سان وٺن ٿا.
Prev Post
You might also like