سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) تنظيم المدارس جي صدر مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته اسان ايران سان گڏ بيٺل آهيون.
سرگوڌا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مفتي منيب الرحمان چيو ته عالمي امن لاءِ جوڙيل گڏيل قومن جو ادارو پنهنجي مقصد ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي.
هن پاڪستاني پرڏيهي وزير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اسحاق ڊار جي محنت رنگ آڻيندي ۽ علائقي ۾ جنگبندي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جو ڪردار مثالي آهي.
مفتي منيب الرحمان وڌيڪ زور ڀريو ته افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحدن تي پڻ سيز فائر (جنگبندي) کي برقرار رکڻ گهرجي ته جيئن خطي ۾ امن قائم ٿي سگهي.