اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جي فراهمي بابت پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، پيٽروليم شيون جهجهي مقدار ۾ موجود آهن.
پنهنجي هڪ بيان ۾ خرم شهزاد چيو ته ملڪ ۾ اڳي پيٽروليم شين جو ذخيرو 24 ڏينهن جو هو، جيڪو هاڻي وڌي 4 هفتن تائين پهچي ويو آهي.
هن واضح ڪيو ته مارچ ۽ اپريل جي مهينن لاءِ تيل جا ذخيرا ڪافي آهن، تنهنڪري عوام کي فراهمي بابت ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته ذخيرن ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي ڪري سوا ارب رپين جي سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي.
خرم شهزاد وڌيڪ چيو ته حڪومت بچت جو مثال قائم ڪري رهي آهي، عوام کي به گهرجي ته قومي مفاد ۾ حڪومت جو ساٿ ڏئي.
عوام پريشان نه ٿئي، ملڪ ۾ پيٽروليم شيون جهجهي مقدار ۾ موجود آهن: ناڻي واري وزير جو صلاحڪار
Next Post
You might also like