اُم رُباب جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جو قتل ڪيس:سمورا جوابدار آجا، فيصلو هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

دادو (ويب ڊيسڪ) دادوءَ جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ام رباب چانڊيو جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل واري ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.
عدالت طرفان44 صفحن تي فيصلو لکت ۾ فيصلو ڪاري ڪيو ويو، بري ٿيندڙ نامزد جوابدارن ۾ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو، اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو آهي ته اڄ عدالت جي اهڙي فيصلي کانپوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو ته سردار ۽ ڀوتار قانون کان مٿانهان آهن.
فريادي ڌر جي وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته ڪيس ۾ نامزد سمورا جوابدار بري ڪيا ويا آهن، سرداري نظام جي خلاف ٽن ڄڻن کي ڏينهن ڏٺي قتل ڪيو ويو، ڪيس ۾ 3 شاهد ۽ ميڊيڪل ثبوت موجود هئا، اسان جي نظر ۾ ايترن ثبوتن جي بنياد تي سزا ٿي سگهي پئي، فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪنداسين.
واضح رهي ته اٺ سال پراڻي ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي ٻن ميمبرن سميت ڪل 8 جوابدار نامزد هئا، جن مان چار جوابدار جيل ۾ ۽ چار ضمانت تي هئا. ام رباب چانڊيو جي گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي فيصلي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا، ڊي ايس پيز سميت 450 پوليس اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته ام رباب چانڊيو جي گهر ٻاهران به پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. جڊيشل ڪمپليڪس ڏانهن ويندڙ ۽ ايندڙ رستن تي به پوليس جي وڏي نفري موجود رهي.
ياد رهي ته ماڊل ڪورٽ گذريل ٻڌڻي دوران شاهدن جا بيان ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.