اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداري گذريل رات اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو، جيڪو چار ملڪي ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٿيو آهي.
صدارتي ترجمان پاران دوري يا ملاقات بابت ڪنهن به قسم جي تصديق يا ترديد ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويو آهي.
صدارتي ترجمان موجب، پاليسي تحت ڪنهن به ملاقات کان اڳ آگاهي فراهم نه ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته ملاقات ٿيڻ جي صورت ۾ باضابطا پريس رليز ۽ وڊيو جاري ڪئي ويندي.
You might also like