تهران(م ڊ)تهران ۾ قطري نيوز چينل جي عمارت تي اسرائيلي حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. قطري چينل موجب، اسرائيلي ميزائلن تهران ۾ العربي ٽي وي چينل جي عمارت کي نشانو بڻايو، جنهن کان پوءِ لائيو نشريات معطل ڪيون ويون. قطري چينل جي بيورو چيف موجب، اسرائيلي حملي ۾ 4 ماڙ عمارت کي سخت نقصان پهتو. قطري چينل جي عمارت تهران جي هڪ رهائشي ۽ ڪمرشل علائقي ۾ واقع آهي. عمارت جي پهرين ۽ ٻي منزل چينل استعمال ڪري ٿو، جڏهن ته باقي منزلون هڪ فزيوٿراپي سينٽر، بيوٽي سيلون، ڊينٽل ڪلينڪ ۽ ڪيفي تي ٻڌل آهن.