ڪراچي ( رپورٽر ) جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان گروپ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ جسقم ۾ ٻيهر شامل ٿيندڙ آصف بالادي کي ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان اڳ ئي اتي صبح کان مقرر پوليس اٽالن سندن ڪار کي گهيرو ڪري گرفتار ڪري آرٽلري ٿاڻي تي نيو ويو، جتان کين ٻن ڪلاڪن بعد ان شرط تي آزاد ڪيو ويو ته هو ڪراچي پريس ڪلب نه ويندا ۽ صحافين سان نه ڳالهائيندا، جسقم بشير خان گروپ طرفان اها پريس ڪانفرنس آصف بالادي طرفان جسقم بشير خان قريشي گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رکي وئي هئي، پر ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن سميت مرتضي شاهاڻي، پنهل ساريو، ڪاشف شر ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي پريس ڪلب جي چوطرف ڪڙو چاڙهي، ڪلب جي مکيه گيٽ اڳيان پوليس بيهاري اتي موجود صحافين جا ڪارڊ پڻ چيڪ ڪيا. جسقم بشير خان قريشي گروپ ۾ شامل ٿيل اڳوڻي سياسي ڪارڪن آصف بالادي فيس بڪ وسيلي گروپ ۾ شامل ٿيڻ اعلان ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت سنڌ جي قومي تحريڪ کان ان ڪري خوف کائيندي اظهار جي آزاديءَ تي بندش وجهي رهي آهي، ڇو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي زمين، معدني وسيلن جو وڪرو ڪندي ڪرپشن جي بنياد تي حڪومت ڪري رهي آهي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته رياست ۽ سنڌ جي حڪمرانن طرفان ڪيتري به رستا روڪ ڪئي وڃي، پر رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي رستي تي هلندي سنڌ جي قومي ڇوٽڪاري جي تحريڪ اڳتي وڌندي رهندي.
ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر/نمائندا) ڪراچي پريس ڪلب تان قومپرست اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، پنهل ساريو، مرتضي شاهاڻي ڪاشن شر ۽ چاڪر شر سميت ٻين اڳواڻن جي گرفتاري خلاف مورو ۾ قومپرست اڳواڻ جو پوليس خلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاج جي اڳواڻي جسقم ضلعي نوشھروفيروز جي صدر ڪامريڊ امتياز آزاد کوسو، جئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو گروپ جي ڊويزن شھيد بينظير آباد جي صدر ابرار مورائي، جسقم مرڪز جي اڳواڻ ڪامريڊ جگديش ڪمار، جسقم مورو جي اڳواڻ سليم جان ڀٽي، مٺل مگسي، عمران مگسي ۽ محسن اعواڻ سميت ٻين ڪئي . ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم ڪارڪنن گرفتارين خلاف ڦليلي پل کان قومي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو.گل شير ڪولاچي ـ جاويد ھاليپوٽو ـ آزان انصاري ـ اصغر ملاح ، جساف جي ذوھيب جمالي ـ صوفي حامد سنڌي ـ فقير سليم ھاليپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.ٽالپر وڏا ۾ جسقم اڳواڻن ميرعارف ٽالپر ظفر خاصخيلي ۽ ٻين پاران سنڌ هائوس کان پريس ڪلب ٽالپروڏا تائين ريلي ڪڍي ويئي .