ڪراچي(پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور جسقم بشير خان جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،پنھل ساريو،آصف بالادي جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آھي ته جمهوريت جي روپ ۾ آمريت مڙھي وئي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ به ڏوھ بڻجي ويو آھي جلسن جلوسن پريس ڪانفرنس کي روڪڻ حقسچ جي آواز دٻائڻ آھي جسقم اڳواڻ انعام سيال جو چاليھي جو جلسو نه ڪرڻ ڏنو ويو ۽ مٿان وري ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو قومي تحريڪ جي رستا روڪ ڪرڻ پرامن سياست کي روڪي نٿو سگھجي فڪر سيد تي مختلف وقتن تي وار ٿيندا رھيا آھن ڏکيائن ۾ به قومي تحريڪ پاڻ ملھايو آھي۔
ملير ۾ جسقم اڳواڻن جي گرفتاري مذمت جوڳي آهي : دودو ديشي
ڪراچي (پ ر)جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي بيان ۾ مذمت ڪندي چيو ته جساف جي مرڪزي ماليات سيڪريٽري عزادار حسين چانڊيو،جسقم شھيد بشير خان ملير صدر اشرف ڪلھوڙو،جساف شهيد بشير خان ضلعي ملير صدر وهاب گبول،جسقم شهيد بشير خان مرڪزي قيادت جي گرفتاريءَ خلاف ملير پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دوستن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.جنھن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي.پيپلزپارٽيءَ جي ڪوڙي جمهوريت ۾ پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ به ڏوھ سمجھيو پيو وڃي.جيڪڏھن ڪراچي پريس ڪلب تان گرفتار ٿيل ساٿين کي آزاد نه ڪيو ويو ته جسقپ مرڪز طرفان لاء عمل جوڙي سخت احتجاج ڪيو ويندو.
قوم پرست اڳواڻن جون گرفتاريون فاشزم آهي: شبير راڄپر
ڪراچي اوڀر (ن ع آ ) ڪراچي پريس ڪلب اڳيان جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي آصف بالادي مرتضي شاهاڻي ڪراچيءَ ڊويزن جي صدر چاڪر خان شر سميت ٻين جي گرفتاري مذمت جوڳو عمل آھي اھڙو اظھار جسقم اڳواڻ ڪامريڊشبير راڄپر، امن راڄپر ۽ ھارون جمالي ڪراچي ڊسٽرڪٽ ايسٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪندي ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ جمھوري دور ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالهھ ڪرڻ قوم پرست اڳواڻن بيگناھ کنڀيو ۽ گرفتار ڪيو وڃي ٿو مگر حڪمران خاموش بڻيل آھن ھنن وڌيڪ چيو تـ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، آصف بالادي، مرتضي شاهاڻي۽ ڪراچيءَ ڊويزن جي صدر چاڪر خان شر کي جلد آزاد ڪيو وڃي.