ملڪ اندر وڌندڙ بيروزگاري ۽ ان جو حل

تحرير: اعجاز ممنائي

پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي تازي ڊيٽا فيسٽ ڪانفرنس ۾ پاليسي سازن سان شيئر ڪيل تازي ليبر فورس سروي جي شروعاتي نتيجن موجب، ملڪ اندر بيروزگاري جي شرح تقريبن ست سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي، جيڪا 2021ع جي انگن اکرن ۾ 6۔ 3 سيڪڙو ۽ 2018ع ۾ 6۔ 9 سيڪڙو هئي۔ پنجن سالن ۾ بيروزگاري ۾ 0۔ 8 سيڪڙو واڌ جو مکيه سبب معيشت جي گهٽ واڌ جي شرح آهي۔

اسان جي ملڪ جي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ آبادي جو لڳ ڀڳ 54 سيڪڙو ڪم ڪندڙ عمر (15 کان 59 سال) آهي، پر معيشت جي سست واڌ روزگار جي طلب کي پورو ڪرڻ جي قابل ناهي۔

هي صورتحال ڪنهن سماجي ۽ معاشي الميي کان گهٽ ناهي۔ اها پڻ هڪ پريشان ڪندڙ حقيقت آهي ته اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح سڀ کان وڌيڪ نوجوانن ۾ آهي۔ ان جو نتيجو اهو آهي ته داخلا سطح جي نوڪرين لاءِ مقابلو غير معمولي طور تي وڌي ٿو ۽ ڪيترائي ماڻهو جيڪي هن مرحلي جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي قابل نه آهن، انهن کي سمجهوتو ڪرڻ ۽ هيٺين سطح جي نوڪرين لاءِ آباد ٿيڻ يا پنهنجي اصل مهارت يا دلچسپي جي ميدان جي بدران ٻين شعبن ۾ پنهنجو هٿ آزمائڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي۔ جنهن ڪري ڪيترائي نوجوان ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار ڳولڻ کان سواءِ پاڻ لاءِ ڪو به رستو نه ٿا ڳولين ۽ اها صورتحال هڪ نئين قسم جي استحصال جو رستو کولي ٿي، اسان جي پياري ملڪ جا نوجوان استحصالي حالتن جو شڪار ٿين ٿا۔ نوجوان ملڪ جي آبادي جو سڀ کان مضبوط حصو آهن، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ مهارتون آهن ۽ انهن کي صلاحيتن سان ليس هجڻ گهرجي ۽ نوڪري جا موقعا حاصل ڪرڻ گهرجن۔ پر نوان نوڪري جا موقعا تڏهن ئي پيدا ٿيندا جڏهن معيشت ترقي ڪندي، صنعتي سرمائي جي حرڪت تيز ٿيندي ۽ سروس سيڪٽر کي ترقي ملندي۔ اسان جي پياري ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ آبادي جو هڪ اهم حصو زرعي شعبي سان لاڳاپيل آهي۔

2021ع جي ليبر سروي موجب، زراعت ۽ سروس سيڪٽر سان لاڳاپيل افرادي قوت تقريبن 37 سيڪڙو هئي، پر تازي سروي ۾ آيل انگ اکر نهايت ئي پريشان ڪندڙ آهن مٿان وري حڪومت پاران سڄي ملڪ ۾سمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو آهي۔ حڪومت جو ھي فيصلو عوام جي لاءِ نقصان آهي ملڪ ۾ اڳ ئي بيروزگاري وڌي وئي آھي افسوس جهڙي ڳالهھ رڳو عوام جي لاءِ نقصان واريون پاليسيون پيش ڪن ٿا حڪمران طبقي عوام کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي سمارٽ لاڪ ڊائون آرٽيڪل 144قلم لڳندو ھر چيز مخصوص رھندي۔ ملڪ جو عوام ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي راھن تي گامزن ٿي سگھي ٿو، جيڪڏھن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن مان شروع کان انھيءَ ئي نالي سان ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ ننڍيون وڏيون صنعتون قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ھا ته ھيٺيان فائدا حاصل ٿين ھا:

۱ سڄي ملڪ ۾ اڻ ڳڻيا روزگار جا موقعا پيدا ٿي پون ھا جنھنڪري ملڪ ۾ بيروزگاري گھٽائڻ ۾ مدد ملي ھا۔

۲ ملڪ جي ماڻهن ۾ مفت پئسن جو آسرو ڪرڻ بجاءِ محنت ڪري پئسا ڪمائڻ جو رواج پوي ھا۔

۳ ملڪ ڪيترن ئي شعبن ۾ صنعتي لحاظ کان پاڻ ڀرو ٿي پوي ھا ۽ ڪئين قسم جي سامان/شين کي ٻين ملڪن کان گھرائڻ جي گھرج نه ٿئي ھا۔ اھڙيءَ ريت ٻاھران گھرائجندڙ سامان/شين تي خرچ ٿيندڙ ناڻو بچي پوي ھا۔

۴ ملڪ ڪيترن ئي شعبن ۾ سامان/شيون ٻاھرين ملڪن کي موڪلڻ ۽ ٻاھران ناڻو ڪمائڻ لائق بڻجي پوي ھا۔ اھڙيءَ طرح ملڪ غيرملڪي ناڻو ڪمائڻ جي قابل ٿي پوي ھا۔

۵ تجارتي نقصان (trade deficit) گھٽجڻ سبب غيرملڪي ڪرنسي جي ذخيرن تي دباءُ گھٽجي ھا۔ انھيءَ سبب ملڪ عالمي مالياتي ادارن توڙي ٻين امداد/قرض ڏيندڙ طاقتن اڳيان گوڏا کوڙي سندن غيرضروري/نامناسب شرطن شروطن مڃڻ کان بچي پوي ھا ۽ ملڪ ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي نين راھن تي نڪري پوي ھا۔

 اھو ڪڏھن به نه وسارڻ گهرجي ۽ چوڌاري نظر ڦيرائي ڏسي سگھجي ٿو ته ڪابه قوم يا ڪوئي به ملڪ ڪڏهن به ھڏحرام ٿي مفت جون مانيون کائڻ سان ترقي نٿو ڪري پر پنھنجي افرادي قوت توڙي ٻين وسيلن کي صحيح طرح ۽ صحيح رخ ۾ استعمال ڪرڻ سان ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪري سگهي ٿو۔ جيڪڏهن ھاڻي به وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنھنجي افرادي قوت کي مفت جي مال تي ھيرائڻ بجاءِ محنت ڪري ڪمائڻ جا ذريعا پيدا ڪرڻ ڏانھن وک وڌائن ته ملڪ جو عوام بيروگاري کان پاڪ ٿي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي راھن تي گامزن ٿي سگھي ٿو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.