لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان تي الزام لڳائڻ سبب احمد شهزاد قانوني مسئلن ۾ ڦاسي پيو آهي.
ذريعن موجب، احمد شهزاد پنهنجي تبصرن ۾ هڪ اڳوڻي ڪپتان تي بار بار الزام لڳايا، جنهن کانپوءِ معاملو قانوني رخ اختيار ڪري ويو.
سائبر ڪرائم قانون تحت احمد شهزاد کي لاهور ۾ جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن اختيارين سندس وضاحت کان مطمئن نه ٿيا ته باظابطا ايف آءِ آر به داخل ٿي سگهي ٿي.
ذريعن موجب، اڳوڻي ڪپتان جو موقف آهي ته راند بابت تنقيد ٺيڪ آهي، پر بي بنياد الزام ساک کي نقصان پهچائين ٿا، تنهنڪري ڪارروائي ضروري هئي.