بابر اعظم جي ذاتي زندگي بابت وڏي خوشخبري اچي وئي

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم بابت عدالت مان اهم خبر سامهون آئي آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ بابر اعظم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت بابر اعظم جي درخواست منظور ڪندي جسٽس آف پيس جو حڪم رد ڪري ڇڏيو.
بابر اعظم پنهنجي درخواست ۾ جسٽس آف پيس جي فيصلي کي چيلينج ڪيو هو.
ڪيس هڪ عورت حميزا مختار جي درخواست تي داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، جنهن الزام لڳايو هو ته بابر اعظم شادي جو واعدو ڪري لاڳاپا قائم ڪيا.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته الزام ظاهري طور اعتباد جوڳا ناهن ۽ اٺ سال چُپ خاموش رهڻ غير معمولي ڳالهه آهي.
عدالت وڌيڪ چيو ته ڪو مضبوط ثبوت پيش نه ڪيو ويو ۽ جسٽس آف پيس مناسب جاچ کانسواءِ حڪم جاري ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.