اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) او جي ڊي سي ايل ڪوهاٽ ضلعي مان گيس جو وڏو ذخيرو دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
او جي ڊي سي ايل جي پڌرائيءَ موجب ذخيري مان روز تقريبن 2 ڪروڙ 65 لک اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فوٽ گيس حاصل ٿيڻ جي اميد آهي.
ڪمپني جي ترجمان ٻڌايو ته اها دريافت خيبر پختونخواهه جي ٿل بلاڪ ۾ بليٽنگ – 1 ايڪسپلورٽري کوهه مان ٿي.
You might also like