لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪار ۽ ميوزڪ ڪمپوزر وشال دادلاڻي هڪ پاڪستاني صحافي سان ملاقات جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سخت تنقيد ۽ بائيڪاٽ مهم کي منهن ڏئي رهيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اها وڊيو لنڊن ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، جتي وشال دادلاڻي کي پاڪستاني صحافي صفينه خان سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏٺو ويو.
وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي وئي ۽ ڪيترن ڀارتي واهپيدارن سخت ردعمل ڏنو.
واهپيدارن نه رڳو وشال دادلاڻي کي تنقيد جو نشانو بڻايو پر کيس انڊين آئيڊل مان ڪڍڻ جو مطالبو به ڪيو.
ڪجهه ماڻهن سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي شو جي بائيڪاٽ جي مهم پڻ هلائي.
هن تڪرار ان وقت وڌيڪ شدت اختيار ڪئي جڏهن صحافي بابت تڪرار خيالن جون دعوائون به سامهون آيون، جنهن سبب وڊيو وڏي پيماني تي شيئر ٿي.
واضح رهي ته اڃا تائين وشال دادلاڻي طرفان ان معاملي تي ڪو ردعمل سامهون نه آيو آهي.
وشال دادلاڻي جي پاڪستاني صحافڻ سان ملاقات تي ڀارت ۾ ٻڙڌڪ، انڊين آئيڊل جي ميزباني کسڻ جو مطالبو
Prev Post
You might also like