ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 4 هزار 800 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 72 هزار 62 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 4 هزار 116 رپيا وڌڻ کانپوءِ 4 لک 4 هزار 717 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 48 ڊالر واڌ سان 4493 ڊالر في اونس آهي.
You might also like