اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو.
آءِ ايم ايف موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي واڌو فنڊ سهولت تحت هڪ ارب ڊالر، جڏهن ته ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيلسٽي تحت 21 ڪروڙ ڊالرن تائن پهچ حاصل ٿيندي.
اداري جو چوڻ آهي ته ٻنهي پروگرامن تحت مجموعي ادائيگيون 4.5 ارب ڊالرن تائين پهچي وينديون.
آءِ ايم ايف موجب پاڪستان حڪومت مالي خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، مهانگائي ڪنٽرول ۾ آهي، جڏهن ته ٽيڪس نظام ۾ سڌارا جاري آهن ۽ معيشت بهتري ڏانهن وڃي رهي آهي.
Next Post
You might also like