ستارن جي چال بدلجي وئي، پاڪستان ”محفوظ زون“ ۾ داخل، نجومڻ وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري نجومڻ سامعه خان اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪندو.
خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سامعه خان چيو ته ”21 مارچ کان پاڪستان جو ستارو پنهنجي محفوظ زون ۾ اچي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ دنيا ۾ پاڪستان جو نالو وڌيڪ ورتو پيو وڃي.“
هن دعويٰ ڪئي ته هاڻي پاڪستان جي ترقي جو وقت آهي ۽ ايندڙ 12 سال ترقي جا سال هوندا.
ٻئي پاسي ايران ۽ آمريڪا جي تڪرار بابت هن چيو ته جنگ بندي عارضي هوندي، جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته اهي به عارضي نوعيت جون هونديون، جڏهن ته مئي جو مهينو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
سامعه خان وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ امن نه رهندو، آمريڪا ۽ اسرائيل پاران هن خطي ۾ جوهري حملي جا امڪان پڻ موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.