ڀارتي اداڪارا صبا آزاد خطرناڪ انفيڪشن جو شڪار، اسپتال داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا صبا آزاد هڪ خطرناڪ انفيڪشن ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب صبا آزاد Cyclospora cayetanensis نالي انفيڪشن ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ اسپتال ۾ داخل آهي.
هن پنهنجي صحت بابت انسٽاگرام تي پوسٽ ذريعي آگاهي ڏني ۽ اسپتال مان پنهنجي تصوير به شيئر ڪئي.
اداڪارا ٻڌايو ته هن ڏکئي وقت ۾ سندس دوست ريتڪ روشن سندس ڀرپور ساٿ ڏئي رهيو آهي.
اداڪارا انڪشاف ڪيو ته هن بيماري سبب ٻن هفتن ۾ سندس 4 ڪلوگرام وزن گهٽجي ويو آهي.
هن چيو ته هوءَ گهر جي کاڌو ترجيح ڏيندي آهي ۽ هر هنڌ پنهنجو پاڻي ساڻ کڻي ويندي آهي، پر ان باوجود به هوءَ انفيڪشن ۾ مبتلا ٿي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪارا پنهنجي مداحن کي صلاح ڏني آهي ته ڀاڄيون ۽ ميوا چڱي طرح ڌوئي کائڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.