ڪشمور پي پي ايڇ آءِ مرڪز ۾ انتظامي غفلت وائکي، وارڊ ۾ رقص جي وڊيو وائرل

ڪشمور (رپورٽر: دليپ ڪيسواڻي) ڪشمور جي پي پي ايڇ آءِ تعلقي اسپتال ۾ انتظامي نااهلي ۽ عملي جي لاپرواهي جو هڪ نئون اسڪينڊل سامهون آيو آهي، جتي اسپتال جي وارڊ ۾ هڪ کدڙي فقير جي رقص واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنڌڪوٽ واسي کدڙو فقير عاشق شيخ عرف فائزا اسپتال جي خالي وارڊ ۾ بي خوف ٿي رقص ڪري رهيو آهي، جڏهن ته کيس روڪڻ لاءِ اسپتال جو ڪو به عملدار يا چوڪيدار موجود ناهي. وڊيو وائرل ڪندڙ کدڙي فقير جو چوڻ آهي ته هو اک جي دوا لاءِ اسپتال ويو هو پر اتي ڪو به ڊاڪٽر يا ملازم موجود نه هو، جنهن ڪري هن خالي وارڊ ڏسي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي. هن واقعي کانپوءِ ڪشمور جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن رفيق احمد چنا، ضمير چنا ۽ سرفراز سومرو پاران ڊي ايڇ او اعجاز شاهه ۽ پي پي ايڇ آءِ ايڊمنسٽريٽر احسان دايو تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. اڳواڻن الزام لڳايو آهي ته انتظاميا رشوت عيوض 40 کان وڌيڪ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن، ليڊي مڊوائيفز ۽ ٽيڪنيشنز کي خانگي پريڪٽس جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري غريب مريض دربدر ٿي رهيا آهن. وڌيڪ انڪشاف ٿيو آهي ته ايڪسري ٽيڪنيشن عبدالنبي چاچڙ پنهنجي ڊيوٽي ڇڏي خانگي ڪلينڪ هلائي رهيو آهي. شهرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪروڙين رپين جي بجٽ هجڻ باوجود اسپتال کي تباهه ڪندڙ انچارج احسان دايو کي فوري هٽايو وڃي. ٻئي طرف احسان دايو جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.