سنڌ جو عاشق ۽ جدوجهد جي علامت ڪامريڊ جوشيلو سنڌي وڇڙي ويو

ڄامشورو ( رپورٽ: صدرالدين جوڻيجو ) ڄامشوري جي سڃاڻپ، جدوجهد جي علامت، سنڌ جو عاشق، حق سچ جو گوريلو، ڪامريڊ جوشيلو سنڌي 72 ورهين جي ڄمار ۾لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڪامريڊ جوشيلو سنڌي ڪيترن ئي ورهيه کان ڪيترين ئي بيمارين سان جهيڙيو، هڪ مهيني کان لمس اسپتال ڄامشورو ۾علاج هيٺ هو، عيد الفطر کان اڳ کيس گهر منتقل ڪيو ويو هو جتي ڇنڇر ۽ جمعي جي رات دم ڌڻي حوالي ڪيو، مرحوم جي جنازي نماز مهراڻ يونيورسٽي جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز بعد ادا ڪرڻ کانپوءِ سندس مڙهه کي سيوهڻ ويجهو منڇر جي ڪنڌيءَ تي قائم ڳوٺ ٽهڻي واري اباڻي قبرستان ۾مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڪامريڊ جوشيلو سنڌي جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر طحه علي بلوچ، مهراڻ پبلڪ اسڪول جي پرنسپل پروفيسر محمد جڙيل سانگي، سئي گيس آفيسر حقنواز ڏاهري، ايڊووڪيٽ فهيم نوناري، پروفيسر محمد  صديق جويو، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، سيوا اڳواڻ امداد کوسو، غلام نبي ڀلائي، قادر بخش ڀلائي، سکيل جوڻيجو، ميوا اڳواڻ علي محمد شورو، عبدالقيوم ملاح، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل جي ميمبر خليق الرحمان ٽڳو، شاهنواز برفت، راڳي سڪندر بڙدي، لطيفي قمرالدين پنهور، شاعر هاشم ڏاهاڻي، ساگر الاهي بخش عالماڻي، حاجي واحد بخش ڀلائي، علي گل بليدي، جبل سنڌي، صاحب خان نوحاڻي، صحافين حاڪم چانڊيو، عرفان برفت، غلام اڪبر برفت، غلام رسول برفت، علي محمد مگسي سوڌو مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن، استادن، ملازمن، سياسي سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن، اڳواڻن، شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته مرحوم جو تڏو مهراڻ يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني ۾ڪيو ويو هو. ڪامريڊ جوشيلو سنڌي جو اصل نالو حاجي حسين بخش هو، پاڻ 1954ع ۾ سيوهڻ ويجهو منڇر جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ ٽهڻي ۾ پيدا ٿيو، پورهيي سانگي ڪوٽڙي ۾ لڏي آيو، جنهن دوران مهراڻ يونيورسٽي ۾ ملازم طور ڊيوٽي ورتي، جتي پورهيت يونين جو سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ رهيو، سدائين اڇو پٽڪو ۽ اجرڪ اوڍيندڙ ڪامريڊ جوشيلو سنڌي شروعاتي سياسي سفر جيئي سنڌ هلچل کان ڪيو بعد ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي جي پورهيت ونگ سان سلهاڙجي ويو ڄامشورو ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي کي سرگرم ڪيو، جنهن بعد 30 ورهيه اڳ 26 آگسٽ 1996ع تي پنهنجي ساٿين رفيق سولنگي، قادر بخش ڀلائي، سکيل جوڻيجو، وزير پٺاڻ، حاڪم چانڊيو ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي سماجي تنظيم شاهه لطيف ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بڻياد وڌو، جنهن جو پاڻ باني چيئرمين مقرر ٿيو جنهن جو مرڻ گهڙي تائين چيئرمين رهيو. پنهنجي ڦوھ جواني کان پيرسني تائين سنڌ کي ارپيندڙ ڪامريڊ جوشيلو سنڌ سان بي انتها عشق ۽ ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ واري جدوجهد جو حصو بڻجڻ جي ڏوھ ۾ڀوتارن ۽ انهن جي ونگارين جي سازش جي ڪري جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ رهيو، پر سندس جدوجهد ماٺي نه ٿي، دهشتگردي جي مڙهيل ڪوڙي ڪيس ۾بيماري ۽ پيرسني باوجود ڪيترن ڪيسن کي منهن ڏنو، ڪامريڊ جوشيلو سنڌي جيل کان ٻاهر توڙي جيل اندر ويهي سنڌ جي تباهي، برسات متاثرن جي واھر نه ٿيڻ، وڌندڙ مهانگائي توڙي سنڌ ۽ عوام دشمن فيصلن تي وقت جي ڪرپٽ حڪمرانن خلاف سراپا احتجاج بڻيل رهيو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾2012 ع دوران ملازمن جي احتجاجي تحريڪ دوران ملازمن جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن طرفان ڪيل احتجاج جي سرواڻي ڪري تاريخ رقم ڪئي. اهوئي سبب آهي جو پاڻ هر سنڌ دشمن توڙي عوام دشمن منصوبن خلاف جدوجهد ۾ اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ 2014 ع ۾ مھراڻ يونيورسٽي مان رٽائرڊمينٽ ورتي، پاڻ پنهنجي زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ حج جي سعادت پڻ حاصل ڪئي. پاڻ 2 شاديون ڪيون، کيس ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻي ۽ هڪ گهر واري کي سوڳوار ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.