جيئن اسان اڄ به سنڌ ۾ ڏسون ٿا ته ڪيئن مختلف ذاتين جي وچ ۾ هلندڙ قبيلائي ۽ برادرين جا جهيڙا ٻنهي ڌرين کي نسلن تائين تباهه ڪري ڇڏيندا آهن، تيئن ئي عالمي سطح تي جنگون، وڙهندڙ قومن کي ڏهاڪن تائين پوئتي پاتال ۾ ڌڪي ڇڏينديون آهن. هٿياربند ويڙهه ۽ غربت جي وچ ۾ لاڳاپو رڳو بدقسمتيءَ جو ميل ناهي؛ پر هي هڪ گهرو ۽ پاڻمرادو مضبوط ٿيندڙ اهڙو سرشتو آهي جيڪو قومن کي ڊگهي معاشي، سياسي، ماحولياتي ۽ سماجي زوال جي ڪُنَ ۾ ڦاسائي ٿو. هي ”جنگ جي ڪوڙڪي“ (conflict trap) ترقيءَ کي پٺتي ڌڪڻ واري مشين طور ڪم ڪري ٿي، بدامنيءَ جي بنيادي سبب جي ڪري غربت پروان چڙھي ٿي؛ ۽ نتيجي ۾ ٿيندڙ جنگون انهن ادارن، بنيادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن کي تباهه ڪري ڇڏين ٿيون جيڪي ٻيهر بحاليءَ لاءِ ضروري هوندا آهن. يعني بحالي جي گھاڙيٽي کي ئي پٽ ڪن ٿيون.
گذريل هڪ ڏهاڪي ( 2016-2026) دوران جنگن ۽ غربت جي پاڻ ۾ ٻڌي نروار ٿي سامھون آئي آهي، جنهن جو ثبوت عالمي غربت جي انگن اکرن مان ملي ٿو. 2025 تائين، دنيا جي انتهائي غريب آباديءَ جو ٽي-ڀاڱي چار حصو سب-صحارا آفريڪا، ايشيا يا انهن ملڪن ۾ رهيل آهي جيڪي مختلف ويڙهن ۽ تڪرارن جي ور چڙهيل آهن. عالمي بينڪ جي سائنسي اندازي موجب، 2030 تائين عالمي سطح تي انتهائي غريبن جو تقريبن 60 سيڪڙو حصو، يعني ٽيتاليهه ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻهو، انهن علائقن ۾ رهندا جيڪي ويڙهه ۽ نازڪ صورتحال ۾ گهريل ھوندا. اھو تحقيقي تجزیو ٻڌائي ٿو ته جنگ ترقيءَ ۾ ڪو عارضي خلل ناهي پر ان جي بنيادي دشمن آهي.
گذريل ڏهاڪي ۾ هر سال سراسري طور 25 کان 30 ملڪ گهرو ويڙهه ۾ ورتل رهيا آهن، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ اثر ”هيٺين هڪ ارب“ آباديءَ تي پيو آهي. انگ اکرن جي لحاظ کان، ”هيٺان هڪ ارب“ ماڻهو دنيا جي انهن تقريبن 60 ملڪن جي آباديءَ کي ظاهر ڪن ٿا، جيڪي عالمي معيشت جي وهڪري کان ڪٽجي چڪا آهن ۽ جن جي پر ڪيپيٽا / في ماڻھو آمدني گذريل ڏهن سالن کان تقريبن 1,500 ڊالر تي ڄميل آهي، جڏهن ته ٻين ترقي پذير ملڪن ۾ اها وڌي 6,900 ڊالر تائين پهچي وئي آهي. هي آبادي رڳو غريب ناهي، پر ترقيءَ جو ابتو سفر ڪري رھي آهي. انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 2020 کان وٺي جهيڙن کان واندن مستحڪم ملڪن ۾ 2.9 سيڪڙو معاشي واڌ ٿي آهي، جڏھن ته جهيڙن وارن ملڪن جي معيشت ساليانو 1.8 سيڪڙو سُسي رهي آهي.
اھي ھڪ ارب ماڻھو گھڻو ڪري اهڙن ملڪن ۾ رهن ٿا جيڪي يا ته ڊگهي گهرو ويڙهه جو شڪار آهن، يا قدرتي وسيلن جي لٽ مار واري ”لالچ“ جي سياست ۾ ڦاٿل آهن، جتي جنگي معيشتون اسمگلنگ ۽ قبضي ذريعي پنهنجي مالي مدد پاڻ ڪن ٿيون. انهن ملڪن ۾ انتهائي غربت جي شرح تقريبن 40 سيڪڙو آهي، جيڪا ٻين ترقي پذير ملڪن جي 6 سيڪڙو شرح جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي آهي، ۽ سراسري زندگي 64 سال آهي، جڏهن ته ٻارڙن جي فوتگيءَ جي شرح ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي بنيادي ڍانچي جي تباهي، بارودي سرنگهن جي خطرن ۽ تعليم جي کوٽ سبب هڪ اهڙي ”جنگ جي ڪوڙڪي“ ۾ قيد آهن، جيڪو کين نسلن تائين عالمي خوشحاليءَ کان پري رکي ٿو.
ويڙهه جي نقصانن جو وڏو سبب رڳو فوجي خرچ ناهي، پر تشدد جا سڌي طرح تباهه ڪندڙ اثر آهن، ان ۾ بنيادي ڍانچي جي تباهي، سرمائي جو ملڪ کان ٻاهر نڪري وڃڻ، منڊين/ مارڪيٽ جي بدحالي، ۽ بيمارين جو وڌندڙ بار جھڙا سبب شامل آھن . اھڙن علائقن ۾ جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر ويڙهه شروع ٿيڻ جو خطرو عام حالتن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو هوندو آهي، جيڪو سماج کي زوال جي لڳاتار چڪرن ۾ قيد ڪري ڇڏي ٿو. هي ”جنگ جي ڪوڙڪي“ ڪيترن ئي رستن ذريعي ڪم ڪري ٿي، جنهن ۾ ماڻهن ۾ وڇوٽيون، وڌندڙ غربت، ۽ اهڙي جنگي معيشت جو اڀار شامل آهي جيڪو اسمگلنگ ۽ وسيلن جي لٽ مار تي ٻڌل هوندو آهي.
علمي بحثن ۾ ”شڪايت يا آواز اٿائڻ“ (جهڙوڪ ناانصافي ۽ ظلم) کي ”لالچ“ (قدرتي وسيلا ۽ مالي فائدا) جي ماڊلن تي ویچاریو وڃي ٿو. اهي ملڪ جيڪي اھڙن وسيلن سان مالامال آهن جن جي سڌي يا اڻ سڌي طرح ڦرلٽ ڪري سگھجي، اتي وڌيڪ خطرا آهن؛ ڇو ته اهي وسيلا باغي تحريڪن، سگھه رکندڙ ڌرين، ٻين ملڪن جي قابض سوچ رکندڙ گروپن کي مالي مدد فراهم ڪري سگهن ٿا. 2016 ۽ 2026 جي وچ ۾، سوڊان ۽ ڪانگو (DRC) سميت ڪيتريون ئي ويڙهون شروعاتي شڪايتي تڪرار تان شروع ٿي اهڙين جنگين ۾ تبديل ٿي ويون جيڪي سون، معدنيات ۽ ٻين شين تي قبضي ذريعي پنهنجي مالي مدد پاڻ ڪن ٿيون. پال ڪوليئر جي مطابق، گهرو ويڙهون انهن ماڻهن لاءِ موقعا پيدا ڪن ٿيون جيڪي وسيلن کي لٽين ٿا ۽ مارڪيٽ جي غير يقيني صورتحال مان فائدو وٺن ٿا. اڄوڪي دور ۾ هي صورتحال ”جنگي سرمائيداري“ جي روپ ۾ نظر اچي ٿي، جتي هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپنيون ۽ وسيلن جا واپاري لڳاتار تڪرارن مان فائدو وٺن ٿا. عالمي هٿيارن جي آمدني 2024 ۾ 679 بلين ڊالر تائين پهچي وئي هئي، جنهن مان اڪيلو آمريڪي ڪمپنين جا 334 بلين ڊالر ھئا يعني پاڪستاني 93 ھزار اربن کان به وڌيڪ!
غربت تي جنگ جا اثر 2016–2026 جي ڪجهه مثالن مان چٽا نظر اچن ٿا. سوڊان ۾ 2023 کان جاري گهرو ويڙهه دنيا جي سڀ کان وڏي بي گهري ۽ بک جي بحران کي جنم ڏنو آهي. اتي غربت جي شرح 21 سيڪڙو مان وڌي 71 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جنهن سان ٻه ڪروڙ ٽيهه لک ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ هليا ويا آهن. يوڪرين ۾، جنگ کان اڳ غربت گهٽائڻ ۾ ٿيل اڳڀرائي ختم ٿي وئي ۽ غربت جي شرح 20.6 سيڪڙو مان وڌي 35.5 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته ٻهراڙيءَ وارا علائقا زراعت جي تباهي ۽ بارودي سرنگهن جي ڪري سخت متاثر ٿيا آهن. ميانمار (پراڻو نالو برما) ۾ 2021 جي فوجي بغاوت کان پوءِ ويڙهه هزارين حياتيون اجل جو شڪار ٿيون، جڏهن ته يمن ۾ هڪ ڏهاڪي جي ويڙهه بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ پوڻن ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن. غزھ ۾ ٽن سالن ۾ اسرائيل ھڪ وڏو قتلام ڪیو آھي، ھر شي پٽ ۽ ٻاھتر ھزار بي گناھ ماڻھن کي موت حوالي ڪيو!.
ھاڻوڪي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران مٿان ٿوپیل جنگ، وچ اوڀر جو وسيع بحران آهي. ”هرمز جي لڪ“ (Strait of Hormuz) جي بندش جي ڪري، جتان دنيا جي تيل ۽ گئس جي 20 سيڪڙو آمدرفت ٿئي ٿي، عالمي معيشت کي وڏو ڌڪ لڳو آهي. تيل جي قيمتن ۾ وڏي اضافي ۽ فراهمي جي رڪاوٽن جي ڪري خوراڪ جي قيمتن ۾ پڻ واڌ ٿي آهي، جيڪا پاڪستان جھڙي غريب ملڪن کي شدید متاثر ڪري رهي آهي. هي بحران ٻڌائي ٿو ته ڪيئن هڪ علائقائي جنگ عالمي سطح تي توانائي ۽ خوراڪ جي قيمتن کي وڌائي سڀ کان وڌيڪ غريبن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي، جنهن سان وڌيڪ ساڍا چار ڪروڙ انسان بک جي بڇڙي ٽول حوالي ٿي سگهن ٿا.
جنگ انفرادي سطح تي انساني صلاحيتن کي پڻ تباهه ڪري ٿي. جنگي علائقن ۾ غريب ٻارن جي تعليم تائين پهچ مستحڪم علائقن جي ڀيٽ ۾ چار دفعا گهٽ آهي، اتي اسڪول تباهه ٿيل ھوندا آهن ۽ نوجوانن کي ويڙهاڪ گروپن ۾ شامل ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ ھوندو آهي. لياري گينگ وار جو مثال اسان وٽ موجود آھي.
جنگي حالتن جو ٻوجھه عورتون ۽ ٻار سڀ کان وڌيڪ کڻن ٿا، جنهن ۾ جنگي جنسي تشدد ۽ نفسياتي صدمو شامل آهي. ويڙهه ختم ٿيڻ کان پوءِ به، بارودي سرنگهون ڏهاڪن تائين زمين کي زراعت جي لائق نه ٿيون ڇڏين. افغانستان ۾ 2024 دوران بارودي سرنگهن جو شڪار ٿيندڙن ۾ 77 سيڪڙو ٻار هئا. بارودي سرنگهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ فنڊن جي کوٽ سبب بحاليءَ جي ڪمن ۾ دير ٿي رهي آهي.
جنگ جي ڪوڙڪي مان نڪرڻ جو دارومدار حڪمرانيءَ جي معيار ۽ اثرائتي امداد تي آهي. خراب حڪمراني بااثر ماڻهن کي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي, جڏهن ته بهتر طريقي سان ڏنل امداد آمدني وڌائي سگهي ٿي ۽ ادارن کي مضبوط ڪري سگهي ٿي. پر ھن وقت عالمي طور آمريڪا جي ارھ زورائي ۽ اسرائيل جي بدمستي، دنیا جي گڏيل امن جي خواب کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو آھي.
2016–2026 جو عرصو ڏيکاري ٿو ته ڪيئن جنگ منظم طريقي سان معيشت جي بنيادن کي تباهه ڪري ٿي. انتهائي غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ رڳو امداد ڪافي ناهي، پر ويڙهه جي بنيادي سببن يعني ڪمزور ادارن، وسيلن تي ڀاڙڻ ۽ ناڪام ترقيءَ تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. امن، بارودي سرنگهن جي خاتمي ۽ ذميوار حڪمرانيءَ لاءِ عالمي سطح تي نئين عزم کانسواءِ، جنگ ۽ غربت جا هي چڪر جاري رهندا ۽ دنيا کي گڏيل خوشحاليءَ کان پري ڪندا رهندا. دنيا جو امن جو خواب جنھن جو تصور ٻي عالمي جنگ کان پوءِ، زندگي کان اڪتايلن نوجوانن لاءِ سندن ملڪن جي ڪجھه بھتر اڳواڻن ڏٺو ھو، اھڙي اڳواڻي کي دنيا جا ملڪ اڳتي اچڻ جو رستو ڏین ۽ جنگي جنون وارن سربراھن کي پوئتي ڌڪين۔