لنڊن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خميس ڏينهن ڪابينا جي اجلاس دوران دعويٰ ڪئي هئي ته ايران خيرسگالي طور آبناءِ هرمز مان 10 آئل ٽينڪرز کي گذرڻ جي اجازت ڏني آهي.
صدر ٽرمپ جو اِهو به چوڻ هو ته ايران طرفان 10 ٽينڪرز کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت”تحفي“ طور ڏني وئي ته جيئن اهو ظاهر ڪري سگهجي ته هو ڳالهين لاءِ سنجيدا آهي.
آمريڪي صدر چيو ته ”تيل سان ڀريل اٺ آئل ٽينڪرز (آبناءِ هرمز مان) گذريا آهن.“
هن چيوته ”منهنجي خيال ۾ اِهي (آئل ٽينڪرز) پاڪستاني جهنڊي وارا هئا، مون چيو ته اسان صحيح ماڻهن سان ڳالهائي رهيا آهيون.“
ان کانپوءِ آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايران ماضي ۾ ڪيل ڪنهن ڳالهه تي معافي ورتي ۽ چيو آهي ته ”اسان ٻه وڌيڪ جهاز (آئل ٽينڪرز) موڪلي رهيا آهيون“ جنهن کانپوءِ جهازن جو انگ 10 ٿي ويو.
بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته آهي ته عوامي طور موجود جهازن جي آمدرفت جي ڊيٽا ذريعي اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته 23 ۽ 25 مارچ جي وچ ۾ ڪهڙا جهاز پنهنجي لوڪيشن ٽرانسميٽر سان گڏ آبناءِ هرمز پار ڪري ويا، ڇو ته صدر ٽرمپ موجب اهي جهاز انهن ئي ڏينهن ۾ آبناءِ هرمز مان گذريا هئا.
ان عرصي دوران آبناءِ مان تيل کڻي ويندڙ پنج جهازن جي نشاندهي ٿي آهي، پر انهن مان ڪنهن تي به پاڪستاني جهنڊو نه هو، ان کانسواءِ ٻين پنج جهاز جيڪي آبناءِ هرمز پار ڪري ويا، انهن مان ڪو به تيل بردار ٽينڪر طور ڄاڻايل نه هو.
جهازن جي اچ وچ تي نظر رکندڙن جهازن بابت پتو نه ٿو پئجي سگهي جيڪي آبناءِ هرمز مان گذرندي پنهنجو جي پي ايس سگنل عوامي طور نشر ڪرڻ بند ڪري ڇڏين ٿا.
ٽرمپ جي ايران طرفان 10 پاڪستاني جهنڊي وارا آئل ٽينڪر ڇڏڻ جي دعويٰ، حقيقت ڇا آهي؟
You might also like