نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي انساني حقن حقن واري ڪائونسل ۾ ٻارن جي تحفظ بابت بحث دوران ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي مناب ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي حملي کي جنگي ڏوهه ۽ انسانيت خلاف جرم قرار ڏنو آهي.
ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو سوچيل سمجهيل ۽ مرحليوار ڪيل حملو هو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا وٽ انتهائي جديد فوجي ٽيڪنالاجي موجود آهي، تنهنڪري ڪو به اهو يقين نٿو ڪري سگهي ته اهو حملو غلطي سبب ٿيو هوندو.
هن سمورن ملڪن کان مطالبو ڪيو ته هو هن حملي جي سخت مذمت ڪن ۽ ذميوارن کي جوابده بڻايو وڃي.