ايران ۾ نياڻين جي اسڪول تي حملو، گڏيل قومن جو آمريڪا کان وڏو مطالبو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جي انساني حقن جي ڪمشنر وولڪر ٽرڪ ڏکڻ ايران جي شهر مناب ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي ٿيل حملي جي ترت ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
ايراني اختيارين موجب، هن حملي ۾ 168 ڄڻا شهيد ٿيا، جنهن ۾ گهڻو انگ ٻارن جو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي فوجي جاچ ڪندڙن جو خيال آهي ته شايد آمريڪي فورسز غلطي سبب اسڪول کي نشانو بڻائڻ جون ذميوار هجن، پر اڃا تائين ڪو حتمي نتيجو سامهون ناهي آيو.
ٽرڪ چيو ته حملي ڪندڙن تي ذميواري آهي ته هو تڪڙي، اڻڌري ۽ شفاف جاچ ڪرائين ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ احتساب ممڪن بڻجي سگهي.
گڏيل قومن ۽ آمريڪا ٻنهي الڳ الڳ چيو آهي ته هو هن واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.