آمريڪا-ايران ڳالهيون: امن معاهدو يا هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو دستاويز؟

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اهو ته واضح آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿي رهيو آهي.
آمريڪا ۽ ايران جي تڪراري بيانن کي نظر ۾ رکندي اهو بحث ٿي سگهي ٿو ته ڇا اهي باظابطا ڳالهيون جاري آهن يا رڳو رابطا، پر ايترو طئي آهي ته عمل جاري آهي.
برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ايران معاهدو ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، پر اهو اهڙو معاهدو هئڻ گهرجي جيڪو ان جي لاءِ قبول ڪرڻ جوڳو هجي.
اسرائيلي ذريعن مان ليڪ ٿيل ڊونلڊ ٽرمپ جو 15 نڪاتي منصوبو ظاهري طور ”هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري دستاويز“ جهڙو لڳي ٿو.
ان ۾ اِهو سڀ شيون شامل آهي جنهن جو آمريڪا ۽ اسرائيل هميشه کان ايران کان مطالبو ڪندا رهيا آهن.
ٻئي ڇاسي ايران به پنهنجا مطالبا عوامي سطح تي پيش ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي شايد ان جي مخالفن لاءِ قبول ڪرڻ ڏکيا هجن.
ان صورتحال ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واضح وڇوٽيون نظر اچي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.