تهران/واشنگٽن/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) جرمن پرڏيهي وزير يوهان واڊي فيهول ۽ وچ اوڀر لاءِ آمريڪي نمائندي اسٽيو وِٽڪوف انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جا اعليٰ عملدار تمام جلد پاڪستان ۾ سڌي ريت ملاقات ڪري سگهن ٿا، جنهن لاءِ 15 نڪاتي امن فريم ورڪ تي ڳالهيون جاري آهن، ٻئي پاسي وچ اوڀر ڇڪتاڻ عروج تي آهي، اسرائيلي بمباريءَ ۾ تهران ۽ قم ۾ شهادتون ٿيون آهن، جنهن جي جواب ۾ ايران ڪويت، يو اي اي ۽ بحرين ۾ موجود آمريڪي اڏن کي ڊگهي فاصلي واري ميزائلن ذريعي نشانو بڻايو آهي، هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ اوڀر ۾ وڌيڪ 10 هزار فوجي موڪلڻ تي غور ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سعودي عرب جو چوڻ آهي ته هن ڇڪتاڻ جا عالمي معيشت تي اثر ڪورونا وبا کان به وڌيڪ سنگين هوندا.
علائقي ۾ آمريڪي فوجين جي رهائش وارن هوٽلن کي به نشانو بڻايو ويندو: ايراني فوج
ايراني هٿياربندن فوجن جي ترجمان ابوالفضل شڪارچي جو چوڻ آهي ته خطي ۾ آمريڪي فوجين جي رهائش وارن هوٽلن کي به نشانو بڻايو ويندو، ڇا اسان خاموش ويهي آمريڪن کي پاڻ تي حملا ڪرڻ ڏينداسين.
ابوالفضل شڪارچي چيو ته ظاهر آهي جتي به اهي موجود هوندا اسان کي اتي ئي مٿن حملو ڪرڻو پوندو.
ٻئي پاسي ايران جي صوبي اصفهان ۾ حساس ڄاڻ ليڪ ڪرڻ جي الزام هيٺ 15 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايراني ميڊيا موجب، گرفتار جوابدارن تي فوجي هنڌن جون لوڪيشنز ليڪ ڪرڻ، حملن سبب ٿيل نقصانن جون تصويرون ۽ ٻيا تفصيل ليڪ ڪرڻ جا الزام آهن.
آمريڪي ۽ ايراني نمائندا تمام جلد پاڪستان ۾ سڌي ريت ملاقات جون تياريون ڪري رهيا آهن: جرمن پرڏيهي وزير
جرمن پرڏيهي وزير يوهان واڊي فيهول جو چوڻ آهي ته ”منهنجي ڄاڻ موجب آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سڌي رابطو ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌي ملاقات جي تياريون ڪيون ويون آهن.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي نمائندن جي ملاقات جلد متوقع آهي، ملاقات پاڪستان ۾ ٿي سگهي ٿي.
سفارتي ڪوششن باوجود وچ اوڀر ۾ جنگ ۽ حملن جي شدت برقرار
سفارتي ڪوششن باوجود وچ اوڀر ۾ جنگ ۽ حملن جي شدت برقرار آهي، اسرائيل طرفان تهران تي شديد بمباري ڪئي وئي، قم ۽ اروميه شهرن ۾ به رهائشي عمارتن تي حملا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي عمارتون ملبي جو ڍير بڻجي ويو.
ايراني ميڊيا موجب، اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 ڄڻا شهيد ٿيا، جڏهن ته ملبن هيٺان دٻجي ويل زخمين جي ڳولا جاري آهي.
ايراني پاسداران انقلاب گارڊز طرفان به علائقي ۾ آمريڪي اڏن ۽ اسرائيلي هدفن کي نشانو بڻايو ويو.
لبناني سرحدي ڳوٺن ۾ اسرائيلي فوج کي سخت مزاحمت جو منهن ڏسڻو پيو، حزب الله جو 24 ڪلاڪن دوران 21 اسرائيلي ٽينڪ تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته اسرائيل وڌيڪ هڪ فوجي مارجڻ جي تصديق ڪندي وڌيڪ فوجي سامان لبنان سرحد ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
آمريڪي صدر جو وچ اوڀر ۾ وڌيڪ 10 هزار فوجي موڪلڻ تي غور
آمريڪي اخبار موجب، صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ اوڀر ۾ وڌيڪ 10 هزار فوجي موڪلڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب، پينٽاگون وڌيڪ فوجي موڪلڻ جي منصوبي جو جائزو وٺي رهيو آهي، امڪاني طور تي دستن ۾ انفنٽري ۽ بڪتر بند گاڏيون شامل هونديون.
يو اي اي آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ گهڻ ملڪي بحري ٽاسڪ فورس ۾ شامل ٿيندو: برطانوي اخبار
برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز موجب، گڏيل عرب امارات آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ گهڻ ملڪي بحري ٽاسڪ فورس ۾ شامل ٿيندو، گڏيل عرب امارات آمريڪا ۽ مغربي اتحادين کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان ذريعي ايران وٽان مضبوط ۽ هاڪاري پيغام ۽ ڳالهين سامهون آيون آهن: اسٽيو وِٽڪوف
آمريڪا جي وچ اوڀر معاملن بابت خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ذريعي ايران کان مضبوط ۽ هاڪاري پيغام ۽ ڳالهيون سامهون آيون آهن.
هڪ بيان ۾اسٽيو وِٽڪوف چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ٽيم سان گڏجي 15 نڪتن تي ٻڌل هڪ ايڪشن لسٽ پيش ڪئي وئي، 15 نڪاتي ايڪشن لسٽ امن معاهدي جي فريم ورڪ جي بنياد آهي.
هن ٻڌايو ته 15 نڪاتي ايڪشن لسٽ کي پاڪستان ٽياڪڙ طور اڳتي وڌايو، اها فهرست پاڪستان ذريعي ايران تائين پهچائي وئي ۽ پاڪستان وسيلي ايران مان هاڪاري پيغام مليا آهن.
عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا-ايران جنگ ۾ ٽياڪڙ وارو ڪردار پاڪستان جي اهميت ۽ عالمي سطح تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو.
ايران جو آمريڪي اڏن ۽ اسرائيل تي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن ۽ ملٽي وار هيڊ هٿيارن سان حملو
ايران وچ اوڀر ۾ آمريڪي اڏن ۽ اسرائيل تي وچولي ۽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن، ڊرونز ۽ ملٽي وار هيڊ هٿيارن سان حملو ڪيو آهي.
پاسداران انقلاب گارڊز موجب، حملن ۾ دشمن جي اسٽرٽيجيڪ هنڌن کي نشانو بڻايو ويو، اسرائيلي شهر اشدود ۾ آئل اسٽوريج ٽينڪ ۽ ڊپو کي نشانو بڻايو ويو.
ايراني پاسداران انقلاب گارڊز موجب، ڪويت جي علي السالم، العُديري ۽ يو اي اي جي الظفره بيسز کي به نشانو بڻايو ويو جڏهن ته بحرين جي شيخ عيسيٰ بيس تي به حملا ڪيا ويا.
ايران مٿان مڙهيل جنگ ۾ شامل ٿي سگهون ٿا: حوثي اڳواڻ جو آمريڪا کي چتاءُ
يمن جي حوثي تحريڪ جي اڳواڻ عبدالملڪ الحوثي آمريڪا ۽ اسرائيل کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن حالتن جي گهرج رهي ته اسان ايران تي مڙهيل جنگ ۾ شامل ٿي سگهون ٿا.
ياد رهي ته يمني حوثي ان کان اڳ به ڳاڙهي سمنڊ وٽان اسرائيل ڏانهن ويندڙ ۽ ايندڙ جهازن کي نشانو بڻائيندا رهيا آهن.
تازين ڇڪتاڻ جي اثرن ڪورونا وبا کان به وڌيڪ آهن: سعودي ناڻي وارو وزير
سعودي ناڻي واري وزير محمد الجدعان چيو آهي ته تازن هفتن دوران پيدا ٿيندڙ صورتحال جا اثر ڪورونا وبا کان به وڌيڪ آهن.
ميامي ۾ فيوچر انويسٽمينٽ سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڇڪتاڻ سبب عالمي سپلاءِ چين سخت متاثر ٿي آهي ۽ ان جا عالمي معيشت تي ڊگها ۽ سنگين اثر پوندا.
هن چيو ته جنگ سبب صورتحال عالمي معيشت تي ناڪاري اثر ڇڏيا آهن، تيل، گيس، ڀاڻ ۽ ٻين اهم شعبن جي مارڪيٽن تي ان جا اثر نمايان ٿي رهيا آهن.
محمد الجدعان وڌيڪ چيو ته سعودي عرب جي معيشت سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش حيثيت رکي ٿي.
شهيد آيت الله خامنه اي جي شهادت کان ٿورو اڳ ڪلامِ پاڪ جي تلاوت ڪندي آخري تصوير جاري
ايراني ميڊيا طرفان شهيد آيت الله خامنه اي جي آخري تصوير جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ کيس قرآن پاڪ پڙهندي ڏسي سگهجي ٿو.
ايراني ميڊيا موجب، اها تصوير سندن شهادت کان ٿوروا اڳ سي سي ٽي وي ڪئميرا ذريعي ورتي وئي.
واضح رهي ته آيت الله خامنه اي 28 فيبروري تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي ويو هو.