ايران جنگ اسان جي جنگ ناهي، جرمني کانپوءِ فرانس به هٿ مٿي ڪري ڇڏيا

پئرس (ويب ڊيسڪ)جرمني کانپوءِ هاڻي فرانس به چيو آهي ته ايران جي جنگ اسان جي جنگ ناهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن جرمني جي بيان تي چيو هو ته جيڪڏهن ايران جي جنگ جرمني جي جنگ ناهي ته پوءِ يوڪرين جي جنگ به آمريڪا جي جنگ ناهي.
اڄ فرانسيسي بچاءَ واري وزير ڪيٿرين واٽرين چيو آهي ته فرانس جو موقف بلڪل واضح آهي ته هي اسان جي جنگ ناهي، وچ اوڀر جي تڪرار جو حل سفارتڪاري ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.