ايف آءِ اي ۾ 8 آفيسرن کي ترقي

ڪراچي(رپورٽر ) ڪراچي ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) زون جي آفيسرن جي ترقي لاءِ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران 8 آفيسرن کي ترقي ڏئي سندن نون عهدن جا رينڪ لڳايا ويا، ترجمان ايف آءِ اي موجب تقريب ڊائريڪٽر ڪراچي زون پاران منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ساؤٿ مجاهد اڪبر خاص طور شرڪت ڪئي۔ تقريب دوران اعليٰ آفيسرن  ترقي حاصل ڪندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏني ۽ کين هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پيشاورانه ذميوارين کي وڌيڪ احسن طريقي سان انجام ڏين۔ ترجمان موجب ايف آءِ اي طرفان آفيسرن جي حوصلا افزائي جاري رکڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو ويو، ته جيئن اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.