پاسدرانِ انقلاب آبناءِ هرمز وٽان گذرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٽن جهازن کي واپس موٽائي ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن اڄ صبح ٽن جهازن کي واپس موٽائي ڇڏيو، جيڪي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
پاسدارانِ انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مختلف ملڪن سان لاڳاپيل ٽن ڪنٽينر سامونڊي جهازن راهداري طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنن پاسدارانِ انقلاب جي بحريه وارننگ ڏئي واپس موٽائي ڇڏيو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ” آبناءِ هرمز بند آهي ۽ تان گذرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو سخت جواب ڏنو ويندو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.