ڀارت ۾ پيٽرول، ڊيزل ۽ گيس جي اڻاٺ، پمپن تي قطارون لڳي ويون

نئين دهلي (م ڊ) آبنائي هرمز جي بندش سبب ڀارت جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول، ڊيزل ۽ ايل پي جي گيس جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري پيٽرول پمپن تي شهرين جون ميلن تائين قطارون لڳي ويون آهن. ڀارتي رياستن مهاراشٽرا، مڌيه پرديش، تلنگانا، آسام ۽ حيدرآباد دکن ۾ تيل نه ملڻ ڪري شهري سخت پريشان آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ جيڪو تيل ٻن منٽن ۾ ملي ويندو هو، هاڻي ان لاءِ  اڌ اڌ ڪلاڪ تائين قطار ۾ بيھڻو پوي ٿو. ياد رهي ته ڀارت پنهنجي پيٽروليم ضرورتن جو 50 سيڪڙو حصو آبنائي هرمز جي رستي درآمد ڪندو آهي، جنهن جي بندش سبب ملڪي سپلاءِ چين سخت متاثر ٿي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ بحران وڌيڪ سنگين ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.