واشنگٽن/يروشلم/تهران (م ڊ) وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال انتهائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري وئي آهي. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني پاسدارانِ انقلاب جي بحري ڪمانڊر علي رضا تنگسيري کي فضائي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو آهي، جيڪو آبنائي هرمز جي بندش جو ذميوار هو. ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل رات دير سان اسرائيل جي اهم بندرگاهه حيفا ۾ حساس ۽ اسٽريٽجڪ مرڪزن تي ڊرونز ذريعي ڪامياب حملا ڪيا ويا آهن. ايراني فوج جي ترجمان موجب، انهن حملن ۾ خاص طور تي اسرائيلي جنگي جهازن پاران استعمال ٿيندڙ تيل جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ اوڀر سمنڊ ۾ اسرائيلي بحري جهازن جي تياري ۽ مرمت واري مرڪز کي پڻ تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ايران جو چوڻ آهي ته هي ڪارروائي اسرائيلي جارحيت جو جواب آهي ۽ انهن حملن سان اسرائيل جي دفاعي توڻي لاجسٽڪ صلاحيت کي سخت نقصان پهتو آهي. آمريڪي بحريا تصديق ڪئي آهي ته ايران سان جنگ ۾ شامل بحري جهاز يو ايس ايس ابراهام لنڪن تي هڪ اهلڪار زخمي ٿيو آهي، جيتوڻيڪ آمريڪا ان کي عسڪري سرگرمي بدران حادثو قرار ڏئي رهيو آهي. لبنان واري محاذ تي، اسرائيلي شهر نهاريا تي حزب الله جي راڪيٽ حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جڏهن ته ڏکڻ لبنان ۾ زميني ڪارروائي دوران هڪ اسرائيلي فوجي اسٽاف سارجنٽ اوري گرين برگ به مارجي ويو آهي. هوڏانهن يمن جي حوثي باغين اعلان ڪيو آهي ته اهي ايران جي حمايت ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن. حوثي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته هو باب المندب واري لنگهه کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا. انتهائي افسوسناڪ صورتحال ايران جي شهر شيراز ۾ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جتي ايراني ميڊيا موجب آمريڪي ۽ اسرائيلي جهازن کاڌي جي پيڪيٽن ۽ ٽونا مڇي جي ڪين جهڙا ڌماڪيدار مادي وارا دٻا اڇلايا آهن، جن کي کولڻ تي زوردار ڌماڪا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي بيگناهه شهري شهيد ۽ زخمي ٿي پيا آهن. ممبئي ۾ ايراني قونصل خاني ان کي سفارتڪاري سان غداري ۽ انسانيت سوز عمل قرار ڏنو آهي. اسرائيل جي اترئين شهر نهاريا تي لبنان کان ڪيل ميزائل حملي جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو. اسرائيلي ايمرجنسي سروس ميگن ڊيوڊ ايڊم جي ترجمان موجب، ميزائل لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 25 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن کي علاج لاءِ ويجهي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب 13 ڄڻا ڌماڪي جي لهر ۽ ميزائل جي ٽڪرن سبب زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 11 ماڻهو خوف ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار آهن.