تهران (ويب ڊيسڪ) ايران 15 نڪاتي آمريڪي تجويزن جو باضابطا طور جواب ڏئي ڇڏيو ۽ هاڻ آمريڪا جي ردعمل جو انتظار ڪري رهيو آهي.
ايراني ميڊيا موجب ايران ٽياڪڙن ذريعي گذريل رات تجويزن جو جواب موڪليو.
هوڏانهن ايران جي هڪ اعليٰ عهديدار چيو آهي ته پاڪستان ذريعي مليل آمريڪي تجويزن جو جائزو ورتو ويو، ايران جو خيال آهي ته آمريڪي تجويزون هڪ طرفيون ۽ غير منصفاڻيون آهن.
هن چيو ته آمريڪي تجويزون رڳو آمريڪا ۽ اسرائيلي مفاد ۾ آهن، پاڪستان کي موقف ڏنو هو ته آمريڪي تجويزن ۾ ضروري گهرجن جي کوٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته اڃا تائين ڳالهين لاءِ ڪو انتظام ناهي ٿيو، هن مرحلي تي ڳالهين جو ڪو منصوبو نظر نه پيو اچي، سفارتڪاري جو عمل رڪيو ناهي، آمريڪا حقيقت پسندي جو مظاهرو ڪري ته رستو نڪري سگهي ٿو.
You might also like