جنگ ۾ شامل ڌرين کي به خبر ناهي ته نتيجا ڪيڏا سنگين هوندا: پيوٽن

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته وچ اوڀر تڪرار جي نتيجن جي درست اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو آهي، ايران جنگ جا نتيجا ايترا ئي سنگين ٿي سگهن ٿا، جيترا ڪورونا وبا جا هئا.
خميس ڏينهن ماسڪو ۾ واپاري اڳواڻن سان گفتگو ڪندي پيوٽن چيو ته جيڪي تڪرار ۾ شامل آهن، اهي پاڻ به چڱي ريت نتيجا نٿا ٻڌائي سگهن.
هن خبردار ڪيو ته ايران جنگ جا نتيجا ايترا ئي سنگين ٿي سگهن ٿا، جيترا ڪورونا وبا جا هئا، ڪورونا وبا سان سڀني خطن جي ترقي سست ٿي وئي هئي، تڪرار سان عالمي لاجسٽڪس، پروڊڪشن ۽ سپلاءِ چينز کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته روس کي چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط ۽ متحد ٿيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.