ڪمپني پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ نون فيچرز جو اعلان ڪيو، جيڪي 26 مارچ کان هوريان هوريان متعارف ڪرايا پيا وڃن ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ سڀني واهپيدارن لاءِ دستياب هوندا.
پهريون فيچر آءِ او ايس (آءِ فون) واهپيدارن لاءِ آهي.
هاڻي آءِ او ايس ڊيوائيسز ۾ به هڪ ئي فون تي ٻه مختلف واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪري سگهجن ٿا، جڏهن ته ان کان اڳ اهو فيچر اينڊرائيڊ تي موجود هو.
فون اسٽوريج صاف ڪرڻ لاءِ نئون آپشن پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي واٽس ايپ اندر ئي وڏيون فائلز ڊليٽ ڪري سگهجن ٿيون.
واٽس ايپ سيٽنگز ۾ ”مينج اسٽوريج“ آپشن ذريعي چيٽ کولڻ کانپوءِ ميڊيا فائلز ختم ڪري سگهجن ٿيون.
ڪراس پليٽ فارم چيٽ ٽرانسفر وارو عمل به سولو بڻايو ويو آهي، جنهن سان اينڊرائيڊ کان آءِ فون يا ان جي ابتڙ چيٽ هسٽري آساني سان منتقل ڪري سگهجي ٿي.
اسٽيڪرز جي استعمال کي به وڌيڪ آسان بڻايو ويو آهي، هاڻي ايموجي ٽائيپ ڪرڻ تي لاڳاپيل اسٽيڪرز تجويز ڪيا ويندا.
ميٽا اي آءِ جي مدد سان تصويرون موڪلڻ کان اڳ ايڊٽ ڪري سگهجن ٿيون، جنهن ۾ پس منظر بدلائڻ يا شيون هٽائڻ شامل آهي، جڏهن ته ڪجهه اي آءِ فيچرز سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب نه هوندا.
اي آءِ رائيٽنگ هيلپ فيچر ذريعي چيٽ موجب جواب تجويز ڪيو ويندو، جنهن سان پيغامن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته ڪمپني موجب چيٽس اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن سان محفوظ رهنديون.
You might also like