اڪثر چيو ويندو آهي ته سائنسدان ڌرتي جي سمنڊن جي تهه جي ڀيٽ ۾ چنڊ جي سطح بابت وڌيڪ ڄاڻ رکن ٿا.
جيتوڻيڪ چنڊ جي سمورن حصن جا تفصيلي نقشا ۽ تصويرون سالن کان موجود آهن، پر سامونڊي تهه جو وڏو حصو اڃا تائين انسانن لاءِ ڳجهارت بڻيل آهي، پر لڳي ٿو ته جلد ان حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿيڻ واري آهي.
آمريڪي خلائي اداري ناسا سامونڊي تهه جو هڪ نئون نقشو جاري ڪيو آهي، جنهن لاءِ خلا مان گڏ ڪيل ڊيٽا استعمال ڪئي وئي آهي.
ان منصوبي جو مقصد هلندڙ ڏهاڪي جي آخر تائين سموري سامونڊي تهه جو تفصيلي نقشو تيار ڪرڻ آهي.
نئون نقشو سرفيس واٽر اينڊ اوشن ٽوپوگرافي سيٽلائيٽ جي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي.
هي ناسا ۽ فرانس جي خلائي اداري سي اين اي ايس جو گڏيل مشن آهي، جيڪو ڊسمبر 2022 ۾ لانچ ڪيو ويو هو.
ان مشن تحت سيٽلائيٽ ڌرتي جي چوڌاري ڦيرو کائيندي هر 21هين ڏينهن لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو ڌرتي کي اسڪين ڪري ٿو.
ان کانسواءِ سيٽلائيٽ دنيا جي سمنڊن، ڍنڍن ۽ دريائن جي اوچائي جي به جاچ ڪري ٿو.
ناسا موجب، هي سيٽلائيٽ عالمي سامونڊي تهه کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ اسان کي ان جو تفصيلي نقشو تيار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو.
سائنسي تجسس سان گڏ سامونڊي تهه بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان سامونڊي نيويگيشن، ڪميونيڪيشن ڪيبل لڳائڻ، سامونڊي کاڻ کوٽائي، سامونڊي رستن جي بهتري، ممڪن خطرن جي سڃاڻپ ۽ ٻين ڪيترن ئي رازَن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي، جن کان اڃا تائين انسان اڻواقف آهي.