ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ فيڊرل بي ايريا بلاڪ 5 (رحمان آباد) ۾ راند جي ميدان لاءِ مختص فلاحي پلاٽ کي رهائشي پلاٽ ۾ تبديل ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سيڪريٽري ڪچي آبادي کاتي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس حسن اڪبر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شهري محمد يوسف ۽ ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت سوال ڪيو ته هڪ فلاحي پلاٽ کي رهائشي پلاٽ ۾ ڪيئن ٿو تبديل ڪري سگهجي؟ جنهن تي هيومن سيٽلمينٽ کاتي جي وڪيل ٻڌايو ته اهو فيصلو سنڌ جي وڏي وزير جي اختيارن تحت ڪيو ويو هو ۽ اتي ماڻهو گذريل 25 سالن کان رهي رهيا آهن.
ڪي ڊي اي جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته اصل ۾ هي پلاٽ ڪي ڊي اي جي ملڪيت هو، جيڪو پارڪ جي تعمير ۽ سار سنڀال لاءِ ڪي ايم سي جي حوالي ڪيو ويو هو.
درخواست گذارن جو موقف هو ته هي پلاٽ راند جي ميدان لاءِ هو، پر ڪچي آبادي کاتي ان کي ليز تي ڏئي 400 گهر ۽ دڪان تعمير ڪرائي ڇڏيا آهن، جيتوڻيڪ رهائشي ماڻهن لاءِ متبادل پلاٽ به الاٽ ڪيو ويو هو.
عدالت معاملي جي سنگينيءَ کي ڏسندي سيڪريٽري ڪچي آبادي کي ايندڙ ٻڌڻي تي پاڻ اچي وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس 2 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
You might also like