ڀارت ويسٽ انڊيز، سريلنڪا، زمبابوي ۽ آسٽريليا جي ميزباني ڪندو، گهرو سيريز جو شيڊيول جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) انٽرنيشنل هوم سيزن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن دوران ڀارت ويسٽ انڊيز، سريلنڪا، زمبابوي ۽ آسٽريليا جي ميزباني ڪندو.
ڀارت ۾ 21 انٽرنيشنل ميچون 17 مختلف وينيوز تي کيڏيون وينديون.
ڀارت جي هوم انٽرنيشنل سيزن جي شروعات ويسٽ انڊيز خلاف سيريز سان ٿيندي، جنهن ۾ ٽي ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچون 27 سيپٽمبر کان 17 آڪٽوبر تائين کيڏيون وينديون.
سريلنڪن ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 13 ڊسمبر کان 27 ڊسمبر تائين شيڊيول آهي، جڏهن ته زمبابوي ٽيم سان به ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 3، 6 ۽ 9 جنوري تي کيڏي ويندي.
ان کانسواءِ آسٽريلوي جي ٽيم بارڊر-گواسڪر ٽرافي لاءِ ڀارت جو دورو ڪندي، جنهن ۾ پنج ٽيسٽ ميچون شامل آهن، جيڪي ايندڙ سال 21 جنوري کان 3 مارچ تائين کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.