ترڪي ۾ نشئين خلاف ڪريڪ ڊائون، اداڪارا هانڊي ارچل سميت ڪيئي اهم شخصيتون گرفتار

استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ منشيات خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران مشهور اداڪارا هانڊي ارچل سميت شوبز، راندين ۽ ڪاروباري حلقن سان لاڳاپيل ڪيترين اهم شخصيتن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
استنبول پراسيڪيوٽرز طرفان ڪُل 16 ڄڻن جا گرفتاري حڪم جاري ڪيا ويا، جن ۾ اڳوڻا فٽبال ڪلب صدر فڪريت اورمان ۽ براق الماس پڻ شامل آهن، کين استنبول نارڪوٽڪس ڪرائم ڊويزن تحويل ۾ ورتو آهي.
جاچ دائري ۾ ڪاروباري شخصيتون حقان سبانشي ۽ ڪريم سبانشي، ماڊل ديدم سوئيدان ۽ ٽي وي ميزبان گزدي دُران پڻ شامل آهن.
اختيارين موجب، استنبول جي مختلف علائقن ۾ هڪ ئي وقت 16 هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته باقي ٻن لاءِ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
استنبول چيف پبلڪ پراسيڪيوٽر آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪارروائي جو مقصد معاشرتي قدرن ۽ خانداني نظام جو تحفظ آهي.
بيان موجب، شروعاتي ثبوتن جي بنياد تي اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جن مٿان منشيات رکڻ يا ان جي استعمال ۾ سهولتڪاري جو شڪ آهي.
اختيارين واضح ڪيو آهي ته جاچ جاري آهي ۽ معاملي کي مڪمل سنجيدگي سان اڳتي وڌايو پيو وڃي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ وڌيڪ انڪشافن جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.