لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي اسپنر عثمان طارق پي ايس ايل لاءِ پنهنجو هدف ٻڌائي ڇڏيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان طارق چيو ته منهنجو هدف ٽورنامينٽ جو بهترين بالر بڻجڻ آهي، جنهن لاءِ ڀرپور محنت ڪري رهيو آهيان، پي ايس ايل ۾ هڙئي بيٽر بهترين آهن تنهنڪري ڪنهن هڪ کي خاص ٽارگيٽ نه ڪيو آهي.
عثمان طارق چيو ته ابرار احمد سان سٺو ڪامبينيشن آهي ۽ سندس موجودگي سان دٻاءُ گهٽ ٿيندو آهي، جڏهن ته پنهنجي بالنگ ۾ نيون ورائٽيون شامل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهيان.
هن ٻڌايو ته هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن جي هدايت تي بيٽنگ تي به خاص ڌيان ڏئي رهيو آهيان ۽ نيٽ پريڪٽس دوران باقاعدي بيٽنگ جي مشق ڪري رهيو آهيان،
هن وڌيڪ چيو ته منهنجو سڄو ڌيان پي ايس ايل تي آهي، هنڊريڊ ليگ جو وقت ايندو ته پوءِ ڏسنداسين.
عثمان طارق جو اهو به چوڻ هو ته راند ۾ سياست شامل نه ٿيڻ گهرجي.
You might also like