اسرائيل پاران پاسدارنِ انقلاب جي ڪمانڊر کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ، ”سنجيدا ٿيو، ڪٿي گهڻي دير نه ٿي وڃي“ ٽرمپ جي ايران کي ڌمڪي

تهران/واشنگٽن/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جاري ڇڪتاڻ کي ايندڙ 4 کان 6 هفتن ۾ نبيرڻ جو عزم ظاهر ڪندي نيٽو اتحادين تي سخت تنقيد ڪئي آهي، صدر ٽرمپ چيو آهي ته ايران عسڪري طور تباهه ٿي چڪو آهي ۽ هو آمريڪا سان معاهدي لاءِ ”خيرات“ گهري رهيو آهي، پر نيٽو ملڪن هن اهم وقت ۾ آمريڪا جو ساٿ نه ڏنو، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو. ٻئي پاسي اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ايراني بحريه جي ڪمانڊر علي رضا تنگسيري کي نشانو بڻايو آهي. جڏهن ته ايران پاران اسرائيل تي ميزائل حملن جو سلسلو جاري آهي ۽ تهران ڪنهن به معاهدي ۾ لبناني حزب الله تي حملن جي بندش کي شامل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.

نيٽو ايران جهڙي چرئي ملڪ خلاف آمريڪا جي مدد نه ڪئي، اِها ڳالهه ڪڏهن به نه وساريندس: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايراني عملدارن کي تمام مختلف ۽عجيب قرار ڏنو آهي.
صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته اهي آمريڪا سان معاهدي لاءِ خيرات گهري رهيا آهن، ايراني فوج مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي ۽ انهن وٽ واپسي جو ڪو امڪان ناهي،
ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته ”ان باوجود هو عوام کي ٻڌائي رهيا آهن ته “ هو رڳو اسان جي تجويز تي غور ڪري رهيا آهن… ڪوڙا.“
هن چيو ته ” بهتر آهي ته هو جلدي سنجيده ٿي وڃن، ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي.“
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هڪ ڀيرو دير ٿي وئي ته ٻيهر موقعو نه ملندو.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر نيٽو ملڪن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا کي ايران جنگ ۾ انهن جي مدد نه کَپي،
هن چيو ته ” نيٽو ملڪن ايران جهڙي چرئي ملڪ خلاف مدد لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، جيڪو هاڻي عسڪري طور ختم ٿي چڪو آهي، آمريڪا کي نيٽو کان ڪنهن شيءِ نه گهرجي پر هن اهم وقت کي ڪڏهن به نه وسارينداسين.“

اسرائيل پاران ايراني پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊر کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ
اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني پاسدارانِ انقلاب جي بحريه جو ڪمانڊر علي رضا تنگسيري مارجي ويو آهي.
اسرائيلي وزير بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز چيو آهي ته تنگسيري آبناءِ هرمز کي بند ڪرڻ ۽ بمباري وارين ڪارروائين جو سڌو ذميوار هو ۽ کيس ختم ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايراني بحريه جا ڪيترائي سينيئر اهلڪار به مارجي ويا آهن.
ايران هن حوالي سان اڃا تائين ڪو ردعمل ناهي ڏنو.

ايران جنگ ۾ شامل آمريڪي جهاز بردار ٻيڙي تي مقرر آمريڪي سامونڊي فوج جو اهلڪار زخمي
آمريڪي سامونڊي فوج تصديق ڪئي آهي ته ايران جنگ ۾ شامل آمريڪي جنگي جهاز بردار ٻيڙي يو ايس ايس ابراهم لنڪن تي مقرر هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو آهي.
آمريڪي بحريه جي ففٿ فليٽ موجب، اهلڪار 25 مارچ تي عربي سمنڊ ۾ فلائيٽ آپريشن دوران زخمي ٿيو.
بحريه موجب اهلڪار جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ هو ڪنهن عسڪري سرگرمي ۾ زخمي ناهي ٿيو.
ياد رهي ته ايران گذريل ڏينهن يو ايس ايس ابراهم لنڪن تي ميزائل حملي جو اعلان ڪيو هو.

روس ايران کي ڊرون، دوائون ۽ خوراڪ موڪلي رهيو آهي: برطانوي اخبار
برطانوي اخبار جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انٽيليجنس موجب روس ايران کي ڊرون، دوائون ۽ خوراڪ موڪلي رهيو آهي، روس طرفان ايران کي ڊرونز جي فراهمي جو مرحلو مارچ ۾ شروع ٿيو.
ان کانسواءِ روس ايران کي سيٽلائيٽ اميجنگ ۽ انٽيليجنس مدد به فراهم ڪري رهيو آهي.
اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته تهران روس کان وڌيڪ جديد ايئر ڊفينس سسٽم به گهريو آهي، جڏهن ته روس ايس 400 لاءِ ايراني درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.
ٻئي پاسي ڪريملن اهڙي قسم جي دعوائن بابت چيو آهي ته کوڙ افواهه آهن، اسان جي ايراني قيادت سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

صدر ٽرمپ 4 کان 6 هفتن ۾ ايران سان تڪرار نبيرڻ جو خواهشمند
آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل چيو آهي ته ٽرمپ جنگ جلدي ختم ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي ۽ ايران سان تڪرار 4 کان 6 هفتن ۾ نبيرڻ جا خواهشمند آهي.
آمريڪي اخبار موجب، صدر ٽرمپ ويجهن صلاحڪارن کي ٻڌايو آهي ته هو ايران سان جنگ ڊگهي ڪرڻ نه ٿو چاهي، آمريڪي صدر سمجهي ٿو ته جنگ پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.
رپورٽ موجب، وائيٽ هائوس چيني صدر سان مئي ۾ بيجنگ سمٽ ان بنياد تي رکي ته جنگ ان کان اڳ ختم ٿي ويندي، ٽرمپ جو ڌيان ڪڏهن ڪڏهن ٻين سياسي معاملن جهڙوڪ وچ مدي وارن چونڊن ۽ اميگريشن قدمن ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي، صدر هڪ ساٿي کي ٻڌايو ته جنگ سندس ٻين ترجيحن تان ڌيان هٽائي رهي آهي، ويجهن صلاحڪارن موجب ٽرمپ ايندڙ وڏي چئلينج ڏانهن وڌڻ لاءِ بي چين نظر اچي ٿو ، ڪجهه اتحادي پراميد آهن ته ٽرمپ ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت جي خاتمي تي ڌيان ڏيندو.

ٽرمپ جي شروعاتي سرسي ختم، جنگ ۾ ايران حاوي آهي: ايم آءِ سسڪس جو اڳوڻو سربراهه
برطانوي ڳجهي ايجنسي ايم آءِ سڪس جي اڳوڻي سربراهه اليڪس ينجر چيو آهي ته موجوده جنگ ۾ ايران حاوي نظر اچي ٿو.
اڳوڻي سربراهه چيو ته ٽرمپ شروعاتي حملي حاصل ڪيل سرسي وڃائي ويٺو، ايران گذريل سال جون واري جنگ کانپوءِ پنهنجا هٿيار سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ ۽ فوجي ڪمان هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو ڪارائتو ثابت ٿيو.
اليڪس ينجر جو چوڻ هو ته ايران آبناءِ هرمز جي معاشي اهميت کي به نظر ۾ رکيو.

حزب الله اسرائيل سان جنگبندي بابت ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو
حزب الله لبنان تي اسرائيلي حملن دوران جنگبندي واريون ڳالهيون رد ڪري ڇڏيون آهن
حزب الله جي سربراهه چيو آهي ته اسرائيل سان ٻرندڙ باهه دوران ڳالهيون ڪرڻ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي برابر هوندو.

ايران ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، پر قيادت کي ڊپ آهي ته متان عوام کين ماري نه وجهي: ٽرمپ
واشنگٽن ۾ خطاب ڪندي آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته ايران سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، ايران تمام بي صبري سان معاهدو چاهي ٿو پر ڳالهائڻ کان ڊڄي ٿو.
هن چيو ته ايراني قيادت ڊيل جو چوندي ته پنهنجي عوام جي هٿان مري ويندي، انهن کي اسان جي هٿان مرڻ جو به ڊپ آهي.
ٽرمپ چيو ته دنيا ۾ 8 جنگيون روڪيون، هڪ ٻي جنگ به کٽي رهيا آهيون.
آمريڪي صدر چيو ته ايران جي سامونڊي ۽ هوائي فوج کي ختم ڪري ڇڏيو آهي پر ڪوڙيون خبرون ڏسو ته لڳي ٿو اسان جنگ هار رهيا آهيون.

ايران جنگبندي معاهدي ۾ لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي خاتمي کي به شامل ڪرڻ چاهي ٿو: ايراني ميڊيا
ايران چاهي ٿو ته آمريڪا سان ڪنهن به معاهدي ۾ لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله تي اسرائيلي حملن جي خاتمي کي به شامل ڪيو وڃي.
ايراني ميڊيا جي رپورٽ موجب، ايران جنگبندي سان لاڳاپيل ڪنهن به امڪاني معاهدي ۾ لبنان کي شامل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب، ايران پنهنجي مطالبي بابت رابطاڪارن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته 6 علائقائي ذريعن هن اڳڀرائي جي تصديق ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران چاهي ٿو ته آمريڪا سان ڪنهن به معاهدي ۾ لبناني مزاحمتي گروپ حزب الله تي اسرائيلي حملن جي خاتمي کي به شامل ڪيو وڃي.
رپورٽن موجب، ايران حزب الله کي خاطري ڪرائي آهي ته کين ڊيل جو حصو بڻايو ويندو.
هڪ ايراني اهلڪار موجب، تهران هن وقت آمريڪي تجويزن جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ مشاورت جو عمل جاري آهي.

خطي ۾ آمريڪا جا هڙئي فوجي اڏا تباهه ڪري ڇڏيا آهن: پاسداران انقلاب
ايراني پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته خطي ۾ موجود آمريڪا جا سمورا فوجي اڏا تباهه ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻي آمريڪي ڪمانڊر ۽ فوجي ڀڄي وڃي پناهه گاهن ۾ لڪي ويا آهن.
پاسداران انقلاب عوام کان اپيل ڪئي آهي ته آمريڪي ڪمانڊرن ۽ فوجين جي لڪڻ وارين جاين بابت ايران کي آگاهه ڪيو وڃي.

آمريڪا ۽ اسرائيل 2 ايراني اڳواڻن کي عارضي طور هِٽ لسٽ مان هٽائي ڇڏيو
وال اسٽريٽ جرنل موجب، آمريڪي اهلڪارن ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل امڪاني امن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ٻن سينيئر ايراني عهديدارن کي عارضي طور هدف واري فهرست مان ڪڍي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي جا نالا 4 کان 5 ڏينهن لاءِ هِٽ لسٽ مان هٽايا ويا آهن.
رپورٽ موجب، اِهو قدم ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنگ جي خاتمي لاءِ اعليٰ سطحي ڳالهين جي رستو ڪڍڻ جي تناظر ۾ کنيو ويو آهي.
وال اسٽريٽ جرنل موجب ترڪي، پاڪستان ۽ مصر جا ٽياڪڙ آمريڪا ۽ ايران کي ترت ڳالهين لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن جنگبندي ٿي سگهي ۽ پوءِ ڳالهيون ممڪن بڻجن.
ان ڏس “ اهلڪارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي شرطن ۾ وڏن اختلافن سبب ڳالهين جي ڪاميابي جا امڪان گهٽ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.