شان سدائين ڪاوڙ ۾ هوندو آ، کائنس سڀ ڊڄندا آهن: سارا لورين

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارا سارا لورين چيو آهي ته شان سدائين اهڙي مزاج ۾ رهندو آهي جو سڀ ڊڄندا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب تازو هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪندي سارا لورين دلچسپ موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ميزبان جي سوال تي سارا لورين چيو ته سندس ساٿي اداڪار شان شاهد آهي جيڪو هميشا اهڙي مزاج ۾ رهندو آهي جو ماڻهو خوفزده ٿيندا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هو وڏو اسٽار آهي ۽ هن سان سٺو رويو رکندو آهي جنهن سبب کيس ذاتي طور تي ڪا شڪايت ناهي.
هن وڌيڪ ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٻين اداڪارن سيٽ تي چيو ته شان شاهد کي پُرسڪون ۽ خوش رهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سندس مزاج جي ڪري سيٽ تي ماڻهو اڪثر خوفزده رهندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.