ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ايران کي ڊرون موڪلڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون.
برطانوي اخبار موجب، ٻن ذريعن جي حوالي سان چيو ويو هو ته گذريل مهيني ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن کانپوءِ روس ۽ ايران وچ ۾ ڊرون فراهمي بابت ڳجهي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي هئي.
اخبار موجب، مغربي انٽيليجنس دعويٰ ڪئي ته روس مارچ جي شروعات ۾ ڊرونز جي فراهمي شروع ڪئي ۽ مهيني جي آخر تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد هئي.
روسي صدارتي ترجمان دمتري پيسڪوف خميس ڏينهن ان رپورٽ کي ڪوڙ قرار ڏيندي چيو ته ميڊيا طرفان غلط دعوائون ڪيون پيون وڃن.
ترجمان چيو ته ”ميڊيا طرفان ڪيترائي ڪوڙ پکيڙيا پيا وڃن، انهن تي ڌيان نه ڏيو.“
You might also like