ڀارت ۾ گئس ۽ پيٽرول جو بحران

نئين دهلي(عوامي آواز نيوز)ڀارت ۾ گئس ۽ پيٽرول جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. عرب ميڊيا موجب گئس جي کوٽ سبب ڀارت جو غريب طبقو ٻيهر ڪاٺي ۽ ڪوئلو ساڙڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.وڏي تعداد ۾ ڀارتي عوام گئس کان به محروم آهي، جڏهن ته مارڪيٽن ۾ ملندڙ گئس جي قيمتن ۾ به واڌ ٿي وئي آهي.نااهلي ۽ بدانتظامي سبب ڀارتي عوام پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهي قطارن ۾ بيهڻ تي مجبور آهي.ڀارتي رياست گجرات ۾ پيٽرول پمپ تي رش کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس مقرر ڪئي وئي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.