ڳڙھي ياسين لڳ جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا ڌرين ۾ تڪرار جو نبيرو، 14 ڪروڙن کان وڌيڪ ڏنڊ مقرر

ڳڙھي ياسين/ لکي غلام شاهه (رپورٽ: حبيب الله ڪمبوھ،+نديم جان مهر) ڳڙهي ياسين ۽ مدئجي جي ڀرپاسي جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري جي وچ ۾ سالن کان هلندڙ خوني تڪرار نيٺ چيف سردار ذوالفقار علي ڪماريو ابڙو جي ڪوششن سان پڄاڻي تي پهتو آهي. سينئر سياستدان غوث بخش خان مھر جي اسرار تي مھر هائوس تي رکيل هن وڏي فيصلي ۾ ٻئي ڌريون کيرکنڊ ٿي ويون آهن. فيصلي دوران ٻنهي ڌرين پاران ڪيل 48 قتل ۽ لڳ ڀڳ 100 ماڻهن جي زخميٿيڻ جا معاملا ثابت ٿيا. جنهن تي پنچائت پاران مجموعي طور 14 ڪروڙ 42 لک 54 ھزار روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. سردار ذوالفقار علي خان ڪماريو مسلسل ڌرين کي ٺاهه لاءِ ميڙ منٿ ڪندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ علائقي ۾ جاري خوف ۽ حراس جو خاتمو ٿيو آهي. فيصلي کانپوءِ ٻنهي ڌرين جي معززن هڪٻئي کي ڀاڪر پائي پراڻيون دشمنيون وساري هميشه لاءِ امن سان رهڻ جو وچن ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.