ضلعي ڪائونسل جي بحالي ڇو ضروري آهي؟

تحرير: سامي ميمڻ

ڪراچي تاريخي طور صرف هڪ شهر نه پر سوين قديم ڳوٺن، ديهن، زرعي علائقن، ۽ ثقافتي ورثي جو مرڪز رهيو آهي. موجوده شهري نظام تحت جڏهن ڪراچي کي مڪمل طور تي ميٽروپوليٽن يا شهري حڪومت هيٺ آندو ويو ته ان سان ڪراچي جي ٻھراڙين وارن علائقن، تاريخي ڳوٺن، ۽ مقامي آبادي جي سڃاڻپ کي سخت نقصان پهتو. اهڙي صورتحال ۾ ضلعي ڪائونسلن جي بحالي انتهائي ضروري بڻجي وئي آهي.

ڪراچي جو انتظامي نظام وقت بوقت تبديل ٿيندو رهيو آهي. برطانوي دور ۾ ڪراچي کي 1850ع واري ڏهاڪي ۾ ميونسپل نظام هيٺ آندو ويو، جڏهن ته 1933ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن قائم ڪئي وئي. بعد ۾ 1976ع ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن قائم ٿي، جنهن شهري علائقن تي توجهه ڏني پر ٻھراڙين وارن علائقن کي نظرانداز ڪيو ويو.

2001ع  ۾ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس تحت ڪراچي کي سٽي ڊسٽرڪٽ حڪومت ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن سان ضلعي ڪائونسلن جو نظام عملي طور ختم ٿي ويو ۽ شهر کي ٽائون ۽ يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو ان عمل سان ديهي علائقن جي نمائندگي گهٽجي وئي. 2013ع جي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ پڻ شهري ۽ ديهي علائقن جي الڳ سڃاڻپ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق حڪومت ڪنهن علائقي کي شهري يا ٻهراڙي قرار ڏئي سگهي ٿي. پر عملي طور ڪراچي جي ڪيترن ئي ديهي علائقن کي شهري انتظام هيٺ آڻي انهن جي اصل حيثيت ختم ڪئي وئي.

ڪراچي صرف آبادي جو شهر نه پر تاريخي ڳوٺن جو مجموعو آهي،  ڳوٺ  اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن جتي گهٽيون تنگ، روڊ ڪچا  ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، جيڪا انتظامي نظراندازي کي ظاهر ڪري ٿي.هي مثال واضح ڪري ٿو ته شهري حڪومت قائم ٿيڻ باوجود ڳوٺن کي بنيادي ترقي نه ملي. جڏهن ڪراچي کي ميٽروپوليٽن يا شهري حڪومت هيٺ آندو وڃي ٿو ته ڳوٺن کي شهري علائقن ۾ ضم ڪيو وڃي ٿو. ٻهراڙين جي  زمينن تي قبضا وڌن ٿا، تاريخي ڳوٺن جي ليز جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو، مقامي آبادي جي مالڪي ختم ٿئي ٿي، ڳوٺن جا رستا، نيڪال ۽ پاڻي جا مسئلا حل نٿا ٿين. شهري حڪومت جو نظام عام طور شهرن لاءِ ٺهيل هوندو آهي، جڏهن ته ڪراچي جا سوين ڳوٺ اڄ به زرعي ۽ ٻھراڙيءَ نظام تحت موجود آهن.

ڪراچي جا گهڻا ڳوٺ روينيو ديهن تي ٻڌل آهن، ٻهراڙين حدبندي ، روينيو رڪارڊ، آبادي جي مالڪي، ڳوٺن جي تاريخي زمين. شهري حڪومت ۾ اهي سڀ رڪارڊ نظرانداز ٿين ٿا، جنهن سبب، زمينن تي قبضا وڌن ٿا تاريخي ڳوٺن جي ليز نٿي ملي، مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪيو وڃي ٿو.

هائوسنگ اسڪيمون وڌن ٿيون

ضلعي ڪائونسل بحال ٿيڻ سان:

  1. ڳوٺن جي سڃاڻپ برقرار رهندي

ضلعي ڪائونسل ديهي علائقن جي الڳ حيثيت کي برقرار رکي ٿي

  1. مقامي نمائندگي

ڳوٺن جا چونڊيل نمائندا ترقياتي ڪم ڪرائيندا

  1. زمينن جو تحفظ

روينيو رڪارڊ ۽ تاريخي زمينون محفوظ ٿينديون

  1. بنيادي سهولتون

روڊ،، پاڻي، نيڪال،اسڪول، اسپتال

  1. ثقافتي ورثي جو تحفظ

تاريخي ماڳ، درگاهون،قديم آباديون

ثقافتي سڃاڻپ، حقيقت اها آهي ته ملير جي گڏاپ، بن قاسم ۽ ڪياماڙي جا ڳوٺ اڄ به پنهنجي اصل حالت ۾ موجود آهن، پر شهري حڪومت انهن کي نه تسليم ڪيو نه ترقياتي ڪم ڪرايا آھن ڪراچي جي اصل سڃاڻپ ان جا تاريخي ڳوٺ آهن. شهري حڪومت جو نظام انهن ڳوٺن جي وجود لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن ضلعي ڪائونسل بحال نه ڪئي وئي ته تاريخي ڳوٺ ختم ٿي ويندازمينن تي قبضا وڌندا مقامي آبادي بي گهر ٿيندي ثقافتي ورثو ختم ٿي ويندوان ڪري وقت جي اهم ضرورت آهي ته ڪراچي ۾ ضلعي ڪائونسل بحال ڪئي وڃي ته جيئن تاريخي ڳوٺن، مقامي آبادي ۽ زمينن جو تحفظ ٿي سگهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.