تل ابيب تي ڪانوَن جا وَلر، ڇا اها تباهيءَ جي علامت آهي؟

تل ابيب جي آسمان تي ڪانوَن جي وَلرن جي وائرل وڊيوز ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.
اسرائيل تي ٿيندڙ ميزائل حملن کانپوءِ انهن پکين جي غير معمولي حرڪت کي ڪجهه حلقن ”مڪمل تباهي“ جي علامت طور پيش ڪيو آهي.
ايڪس تي هڪ واهپيدار پکين جي غير معمولي حرڪتن کي سلطنتن جي زوال جي نشاني چيو.
واهپيدار وڊيو بابت چيو ته ائين ٿيڻ تي رومي جنگيون روڪي ڇڏيندا هئا، سمجهيو ويندو هو ته خدا هن زمين تان پنهنجي امان کڻي ڇڏي آهي.
ان غير معمولي واقعي کي مذهبي اڳڪٿي ”هاربنگر آف ڊوم“ سان به جوڙيو ويو، جيڪو مڪمل تباهي جي نشاني هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.