گرائونڊ ۾ شوقينن کي مِس ڪنداسين، سُٺي ڪرڪيٽ کيڏي مداحن کي خوش ڪرڻ چاهيون ٿا: بابر/شاهين

لاهور (ويب ديسڪ) پاڪستان سُپر ليگ (پي ايس ايل ) جي يارهين ايڊيشن ۾ شامل فرنچائز جا ڪپتان سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ٽرافي کٽڻ لاءِ پرعزم آهن.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو ته تياريون مڪمل آهن ۽ سٺو مقابلو ٿيندو.
هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ جا ڏهه سال ڪامياب رهيا آهن، مستقبل ۾ به سٺي ڪرڪيٽ جاري رهندي.
پشاور زلمي جي قائد بابر اعظم چيو ته شوقينن کي ياد ڪنداسين، پر ٽي وي تي کين بهترين ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي.
راولپنڊي جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته پي ايس ايل مستقبل ۾ به وڌيڪ ڪامياب ٿيندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.