بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ناسور جھڙو نظام

تحرير: مير حسن راڄڙ

دنيا ۾ اڪثر ملڪ پنھنجي ماڻھن جي مدد ڪندا آھن. خاص طور تي ھيٺين طبقي جي ماڻھن جي زبردست مدد ڪئي ويندي آھي، پر ان جو طريقو گھٽ ۾ گھٽ اھو نه ھوندو آھي، جيڪو اسانجي پياري ملڪ پاڪستان ۾ آھي. ھاڻي  ته ھي نظام ڪنھن زخم مان خراب ٿي ناسور بڻجي چڪو آھي، جنھن جي تڪليف ڪروڙين ماڻھو ڀوڳي رھيا آھن.  ڳالهه بينظير انڪم سپورٽ جي ڪنداسين ته ان امدادي پروگرام تحت غريب عورتن جي معمولي امداد بَھاني تمام گھڻي تذليل ڪئي وڃي ٿي. رحيميار خان واقعي ته جيءُ جهوري وڌو آھي، ۽ آئون اھو سوچڻ تي مجبور آھيان  ته ھي سڀ  ڪجهه آخر ڇا ٿي رھيو آھي ۽ ڪيستائين ٿيندو رھندو؟؟

ڏٺو وڃي ته ڪي حادثا ۽ سانحا رڳو واقعا ئي نه، پنھنجي اندر ۾ ھڪ اھڙو آئينو ھوندا آھن، جن مان اسان پنھنجي شڪل ۽ سڄي سماج جي ڀيانڪ صُورت ڏسي سگھون ٿا. سوشل ميڊيا تي نظر آيو ته پنجاب جي رحيم يار خان جي علائقي چڪ نمبر P – 123 ۾ وڏي تعداد ۾ امڙيون ۽ ڀينرون امداد وٺڻ لاءِ پھتيون. اھا ھڪ انتھائي پُراڻي ۽ زبون عمارت ھئي، جنھن ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر قائم ھو. اوچتو اھا عمارت ڪِري پئي، ۽ پوءِ دانھون ۽ ماتم شروع ٿي ويو. مسڪين مائرون ۽ غريب ڀينرون، جيڪي سرڪاري امداد وٺڻ آيون ھيون، انھن کي ناسور جھڙي نظام امداد ته ڪو نه ڏني، پر زخم ضرور ڏنا، ۽ رَتورَتُ ڪري ڇڏيو. ڪي مائرون ڀينرون زخمي ٿيون ته ڪي وري  هميشه لاءِ معذور بڻجي ويون. الا! ڇا ته دردناڪ ۽ ھيبتناڪ منظر ھو. ھي درد ھر ان ماڻھوءَ محسوس ڪيو، جنھن جي سيني ۾ گوشت جي دل آھي، پر چوندا آھن ته سياست جي سيني ۾ پٿر جي دل ھوندي آھي. مان ته چوان ٿو ته سياست ۽ سياستدانن جي سيني ۾ ڪنھن به قسم ڪا به دل نه ھوندي آھي، جنھن ڪري انھن مان ڪنھن به ھن درد ۽ پيڙا کي حقيقي طرح محسوس نه ڪيو.

سَوال ھي آھي  ته ڇا اڄ جي جديد دنيا ۾ به غريب عورتن کي پنهنجي حق لاءِ اهڙي تڪليف مان گذرڻو پوندو، جي نه ته پوءِ حڪومت ۽ رياست هنن اٻوجھه نياڻين ۽ امڙين کي روڊ رستن تي قطارن ۾ بيهاري آخر ڇا ٿي ڏيکارڻ چاهي؟ جديد رياستن جو تصور ڪجي ٿو ته اهڙا پروگرام غربت ختم ڪرڻ ۾ ڪيترا ڪارائتا يا حوصلا افزا ثابت ٿيا آهن؟؟ حڪومت ۽ رياست جو ڪم صرف قانون لاڳو ڪرڻ يا سرحدن جي حفاظت ڪرڻ نه، پر سماج جي ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪرڻ، کين سڌارڻ سنوارڻ يا اهڙيون پاليسيون جوڙڻ، جن سان عام ماڻهوءَ کي گهٽ ۾ گهٽ تڪليفن مان گذرڻو نه پوي، ۽ خاص ڪري حڪومتي سطح جي عوام سان لاڳاپيل پروجيڪٽس ۾ عوام کي رليف ملي، سو به جدت ۽ ٽيڪنالوجي سان جڙيل هجي، اھو ڪم به حڪومت ۽ رياست جو ئي ھجي ٿو. ھيءَ پنھنجي جاءِ تي حقيقت آھي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هزارين نه، پر لکين غريب خاندانن کي سهارو ضرور ڏنو آهي، ۽ خاص ڪري معذور يا اڻ پڙهيل ماڻهن کي ۽ ڪيترن گهرن ۾ اهو پئسو ٻارن جي تعليم، دوا ۽ روزمره جي ضرورتن لاءِ آخري اميد بڻيو آهي،

پر جڏهن امداد ڏيڻ جو طريقو عزت بدران تڪليف پيدا ڪري، ته پوءِ ان نظام تي نظرثاني ڪرڻ تمام ضروري آهي. حڪومت ۽ عملدارن کي سوچڻ گھرجي  ته انهن قطارن ۾ امير ناهن ھوندا. گذريل ڪيئي ورھين کان جڏھن هي افسوسناڪ منظر ڏسجن ٿا ته ايئن لڳي ٿو ڄڻ هي غريب ماڻهن لاءِ تقدير تبديل ٿيڻ جي ڪا اميد هجي، پر ائين بلڪل ناهي. اسان جون نياڻيون ۽ امڙيون صبح سوير پنهنجن ڳوٺن مان نڪري اچن ٿيون. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪن ٿيون. گرمي برداشت ڪن ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن خالي هٿين به واپس وڃن ٿيون. اهو انتظار صرف جسماني تڪليف ناهي. اهو عزتِ نفس تي حملو پڻ آهي. ڇا حڪمران رياست انهي کان بيخبر آهن؟؟

رحيم يار خان جو واقعو ظاهر ڪري ٿو ته ڪيترين ئي ادائگي مرڪزن جي حالت انتهائي خراب آهي. عمارتون زبون، ۽ غير محفوظ آھن جنھن ڪري هزارين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن به وقت ڪو به وڏو حادثو ۽ سانحو پيش اچي سگھي ٿو، جنھن ڏانھن ڌيان ڏيڻ ۽ تدارڪ ڪرڻ جي ضرورت آھي! صاف ظاھر آھي جڏهن اهڙن مرڪزن تي عورتن کي ويهاريو وڃي ٿو ته اهو رڳو غفلت نه، پر خطري کي دعوت ڏيڻ برابر آهي، ۽ ساڳي طرح لاڳاپيل عملدارن تي غفلت ثابت ٿئي ٿي ۽ اهڙن خلاف ڪارروائيون ٿيڻ گهرجن. اڄ دنيا اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي مالي نظام مڪمل طور تي ڊجيٽل آهي / موبائل بئنڪنگ، آن لائن ٽرانزيشن، بائيو ميٽرڪ تصديق ۽ موبائل والٽ جهڙيون ٽيڪنالاجيز عام ٿي چڪيون آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ سماجي ڀلائيءَ جي  پروگرامن تحت رقمون سڌي طرح ماڻهن جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيون وينديون آهن، ۽ ماڻهو گهر ويٺي پنهنجو حق حاصل ڪن ٿا- نه قطار، نه رش، ۽ نه ئي خطرو- پوءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ڊجيٽل نه ڪرڻ جا آخر ڪهڙا سبب آهن؟؟ صاف ظاھر آهي  ته ڊجيٽل ٿيڻ سان ڪرپشن ۽ بدانتظامي ختم ٿي ويندي، جيڪا شايد آفيسر طبقو ۽ خود حڪمران به نٿا چاهين، نه  ته هي ساڳيو پروگرام هن طريقي سان به ھلائي سگھجي ٿو:

نمبر (01) سڌي بئنڪ ٽرانسفر:

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا سڌو سنئون عورتن جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا وڃن.

نمبر (02) موبائل والٽ سسٽم:

موبائل فون ذريعي رقم منتقل ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو وڃي، جيئن ماڻهو پنهنجي پنھنجي علائقي جي ايجنٽ کان آسانيءَ سان پئسا حاصل ڪري سگهن.

نمبر (03) محفوظ ادائگي مرڪز:

هر عام ڊجيٽل ون لنڪ دڪان تان وٺي سگهجن ٿا، جيڪو ھڪ بھتر طريقو آھي.

نمبر (04) رش کي گهٽائڻ لاءِ ڊجيٽل شيڊول:

آنلائن سسٽم ذريعي تاريخ ۽ وقت مقرر ڪيو وڃي، ته جيئن هزارين ماڻهو هڪ ئي وقت گڏ نه ٿين. چوڻ جو مقصد ته جيڪڏھن ھن پروگرام ۾ سڌارا آڻجن ۽ ماڻھن جي بھتر طريقي سان مدد ڪجي،  ته اھو ڪو ڏکيو ڪم ناھي، پر  ڳالهه وري به سنجيدگيءَ جي آھي، جيڪا ڪٿي به نظر نٿي اچي. رحيم يار خان جي ان  هانءُ ڏاريندڙ حادثي اھو پڻ سوچڻ تي مجبور ڪيو آھي  ته ڇا غريب ماڻھن جو هتي اھيو ئي مستقبل آهي، جو هنن کي پنهنجي حقن لاءِ به مرڻو پوندو يا تڪليف ۽ خطري مان گذرڻو پوندو، سو به هڪ ڀيرو بار بار؟؟ جيڪڏهن دنيا چنڊ تي وڃي پهتي آھي، ۽ مصنوعي ذهانت ذريعي عام زندگيءَ کي تمام جديد بڻائي آسان ڪري ڇڏيو ۽ اربين ماڻهن کي ڊجيٽل نيٽ ورڪس سان ڳنڍي پنهنجي رياست ۽ عام ماڻهو کي جنت جهڙو جهان ڏنو آھي، ته پوءِ ڇا اسان وٽ هي سڀ ائين ئي پيو ھلندو، جيئن ھلي پيو؟؟جيڪڏهن گهٽ ۾ گهٽ اسان ھھڙي واقعي مان ڪجهه نه سکيو، ۽ نه پرايو ته پوءِ ايندڙ نسلن جا اسان به ڏوهاري هونداسين، ڇو ته اسان شعور رکندي به اُنهيءَ تي نه ڳالهايو، ۽ خاموشي اختيار ڪئي، جيڪا خاموشي موت برابر آھي.

آخري  ڳالهه ته بي آءِ ايس پي جي حوالي سان ٻيون به کوڙ  ڳالههيون آھن- مثال طور اُھو به مشھور آھي  ته انھن سينٽرن تي نوجوان نياڻين جي عزتن سان به کيڏيو وڃي ٿو. اھڙا وڊيوز به وائرل ٿيندا رھيا آھن  ته اھو ھڪ وڏو الميو آھي. وقت اچي ويو آھي  ته بينظير ڀٽو شھيد عظيم ليڊر جي نالي سان ھلندڙ ھن پروگرام ۾ سڌارا آندا وڃن. ماڻھن جي عزتِ نفس نه کيڏيو وڃي. امداد اُھا ڀلي، جيڪا عزت سان ڏني وڃي، نه ڪي عزت سان کيڏي پوءِ ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.