ذيابطيس جي ڪيترن ئي مريضن کي بلڊ شگر ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ روز انسولين جي انجيڪشن استعمال ڪرڻي پوندي آهي
پر هاڻ امڪان آهي ته ويجهي مستقبل ۾ هڪ گوري انجيڪشن جي ضرورت کي ختم ڪري ڇڏيندي.
واضح رهي ته شگر جي مرض ۾ لبلبو انسولين ناهي ٺاهي سگهندو يا ان جي اڻ پوري مقدار ٺاهيندو آهي، هي اهو هارمون آهي، جيڪو رت ۾ گلوڪوز جي سطح گهٽائيندو آهي، جنهن سبب مريضن کي انسولين جي انجيڪشن لڳائڻي پوندي آهي.
100 ورهين کان وڌيڪ عرصي کان وٺي سائنسدان انسولين جي گوري جي شڪل جي خيال کي حقيقت بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
انسولين کي دوا جي شڪل ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇو ته اهو هڪ پروٽين آهي ۽ گولي جي شڪل ۾ اهو جگر تائين پهچڻ کان اڳ ئي معدي ۽ آنڊن ۾ جذب ٿي سگهي ٿو، ان جي ڪري ئي انجيڪشن تي ڀاڙڻو پوندو آهي.
پر جاپان جي Kumamoto يونيورسٽي انسولين جي گوري تيار ڪرڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ڪئي آهي.
ماهرن ان لاءِ هڪ cyclic peptide کي استعمال ڪيو، جيڪو ننڍي آنڊي ۾ هليو ويندو آهي ۽ ائين انسولين کي گوري جي شڪل ۾ فراهم ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو آهي.
محققن ان لاءِ ٻه مختلف طريقي ڪار اختيار ڪيا ته جيئن انسولين جي دوا جي شڪل جي فراهمي ۾ رنڊڪون ختم ڪري سگهجن.
هنن peptide کي زنڪ ذريعي مستحڪم انسولين ۾ ضم ڪيو ۽ پوءِ ان کي ذيابطين جي ڪيترن ئي مريض ڪوئن جي وات ذريعي استعمال ڪرايو.
ان ميلاپ سان بلڊ شگر جي سطح دوا جي استعمال کانپوءِ معمول تي اچي وئي، جڏهن ته هڪ ڀيري دوا جي استعمال سان 3 ڏينهن تائين انسولين جي سطح کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ممڪن ٿي ويو.
ٻئي طريقي ڪار ۾ peptide کي سڌي ريت انسولين سان جوڙيو ويو ۽ ان سان به بلڊ شگر جي سطح کي پهرئين طريقي ڪار جيان ئي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۾ مدد ملي.
محققن موجب ان سان تصديق ٿئي ٿي ته peptide ذريعي انسولين جي فراهمي ممڪن آهي.
هنن چيو ته ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، جڏهن ته انسانن تي ڪلينڪل ٽرائل به ضروري آهن ته جيئن هڪ دوا جي تياري کي ممڪن بڻائي سگهجي.
You might also like