ڪرائسٽ چرچ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا پنجين ۽ فيصلائتي ٽي ٽوئنٽي ۾ نيوزيلينڊ کي مات ڏئي سيريز کٽي ورتي.
ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل پنجين ٽي ٽوئنٽي ميچ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي ڏکڻ آفريڪا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ڏکڻ آفريڪا پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪونر اسٽرهوئيزن 33 بالن تي 75 رنسن جي جارحاڻي اننگ کيڏي، جڏهن ته روبن هرمين 39 ۽ ويان ملڊر 31 رنسون ٺاهيون.
نيوزي لينڊ جي بين سيئرز 2 جڏهن ته زيڪ فولڪس ۽ جوش ڪلارڪسن هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
پروٽيز جي 188 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ڪيوي 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 154 رنسون ٺاهي سگهي.
بيون جيڪبس 36، ٽم رابنسن 25 ۽ ڪپتان جيمز نيشم 24 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان جيرالڊ ڪوئٽزي، ويان ملڊر ۽ اوٽنيل بارٽمئن 2، 2 جڏهن ته ڪيشو مهاراج هڪ وڪيٽ ورتي.
ان فتح سان گڏ ڏکڻ آفريڪا پنجن ميچن جي سيريز 2-3 تان کٽي ورتي، ڪونر اسٽرهوئيزن ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
You might also like